جهرڪلي کيت (ٻوٽو): هيءُ ٻوٽو ٿر جي وارياسي علائقي نرم زمين ۾ گهڻو ٿيندو آهي ۽ سخت زمين ۾ ڪجهہ گهٽ ٿئي ٿو. هن جي ڏانڊيءَ جو رنگ هيڊو، پن سنها سائي رنگ جا، لوڻڪ جي پنن جهڙا، ڦل گول گول، داڻا سنها ۽ سائي رنگ جا ٿيندا آهن. هن ٻوٽي کي ”چڙيال“ بہ چوندا آهن ۽ طبي وکر ۽ ڳنڌڻ طور بہ استعمال ٿيندو آهي. هيءُ ٻوٽو ٿر جي وارياسي علائقي نرم زمين ۾ گهڻو ٿيندو آهي ۽ سخت زمين ۾ ڪجهہ گهٽ ٿئي ٿو. هن جي ڏانڊيءَ جو رنگ هيڊو، پن سنها سائي رنگ جا، لوڻڪ جي پنن جهڙا، ڦل گول گول، داڻا سنها ۽ سائي رنگ جا ٿيندا آهن. هن ٻوٽي کي ”چڙيال“ بہ چوندا آهن ۽ طبي وکر ۽ ڳنڌڻ طور بہ استعمال ٿيندو آهي.