جهتيال ڍنڍ: دادو ضلعي جي تعلقي ميهڙ ۾ واقع هيءَ ڍنڍ ڳوٺ الھہ بخش جهتيال ڀرسان موجود آهي. هيءَ ڍنڍ فشريز کاتي جي حوالي آهي ۽ ان جي هر سال نيلامي ٿيندي آهي. هتي مڇيءَ ۽ پکيءَ جو شڪار جام ٿيندو آهي.