جنھاڻ 2

جنھاڻ 2: ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي مٺيءَ جو هي اهم ڳوٺ قديم هاڪڙي جي ڪنڌيءَ تي، مهراڻي واري علائقي ۾ آباد آهي، جنهن جي آدمشماري چئن کان پنج هزار ٿيندي. چيو وڃي ٿو تہ جنھاڻ بہ هن علائقي جي ٻين ڀِڙن- فضل جي ڀڙي، سائينداد ڀڙي ۽ مشھور تاريخي ماڳ نُهٽي وانگر هڪ ڀڙو هو. جنھاڻ ڳوٺ اڳوڻي ٿرپارڪر مان ورهائجي ڌار ٿيل ٽن ضلعن- ٿرپارڪر، عمر ڪوٽ ۽ ميرپورخاص جي ميلاپ واري هنڌ تي موجود آهي. جنهن ۾ هن وقت گهڻي ڀاڱي جوڻيجا ذات جا ماڻهو رهن ٿا، جڏهن تہ اڳي ميگهواڙ ۽ ٻيون ذاتيون بہ هتي رهنديون هيون، پر هاڻي محاورتاً هي ڳوٺ ”جوڻيجن واري جنھاڻ“ بہ سڏجي ٿو. سنڌ جي نامور اديب، ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار عبدالقادر جوڻيجي جو هي اباڻو ڳوٺ آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو