جنگ جمل

جنگ جمل: هيءَ مشھور جنگ، جمادي الآخر 36 ھہ/ ڊسمبر 656ع ۾ بصري ويجهو حضرت علي عليہ السّلام ۽ بيبي عائشہ رضي تعاليٰ عنها
جي وچ ۾ لڳي. حضرت عائشهرضه سان گڏ حضرت طلحهرضه ۽ حضرت زبيررضه هئا. هيءَ ’جنگ جملان ڪري سڏجي ٿي، جو حضرت عائشهرضه عسڪر نالي هڪ اٺ تي سوار هئي. حضرت بيبي عائشهرضه حج کانپوءِ مڪي معظم ۾ محرم الحرام جي عمري لاءِ ترسيل هئي تہ اتي کين حضرت عثمان رضي تعاليٰ عنھ جي شهادت جو اطلاع مليو ۽ عمرو ڪري مديني ڏانهن اُسهيون تہ واٽ تي کين خبر پئي تہ حضرت عليعه کي خليفو چونڊيو ويو آهي ۽ مديني ۾ گوڙ ٿيو آهي. پاڻ هڪدم مڪي موٽيون ۽ ڪعبي ويجهو جوشيلي تقرير ۾ حضرت عثمانرضه جي شهادت تي افسوس ظاهر ڪندي قاتلن کي جوڳي سزا جي گهر ڪيائون. (الطبري، ج 1، ڀاڱو 6، ص 3098) حضرت عثمانرضه جي شهادت وارو سنگين واقعو نظر انداز ڪرڻ ڏکيوهو، ان ڪري اصلاحي مھم جو سوچيو ويو. مڪي جي گورنر عبدالله بن عامر، بصري ۽ يمن جي والين ۽ مروان بن حڪم، بيبي صاحبهرضه جو ساٿ ڏنو. (الطبري: ابن اثر) ڪجهہ حلقن اهو خيال پيدا ڪيو تہ حضرت عليعه حضرت عثمانرضه جي قاتلن سان نرميءَ سان پيش ايندو ۽ کين سزا نہ ڏيندو، ان تي ڏڦيڙ ۽ چؤ پچؤ شروع ٿي وئي. امير معاويه، حضرت علي عه جي بيعت کان انڪار ڪيو ۽ ڪوفي وارن حضرت عليعه جي موڪليل عامل کي نہ مڃيو. ڪن ٻين هنڌن تان بہ مخالفت جا آواز اٿيا. انهن حالتن ۾ حضرت بيبي عائشهرضه، حضرت طلحهرضه ۽ حضرت زبيررضه جي اڳواڻيءَ ۾ ڪيترا ماڻهو اچي گڏ ٿيا تہ هن جهيڙي کي ختم ڪري ۽ ’اصلاح احوال‘ جو ڪو قدم کڻجي ۽ حضرت عثمانرضه جي شهادت جو بہ قصاص وٺجي تہ جيئن اڳتي ڪنهن خليفي کي قتل ڪرڻ جو رواج نہ پوي. بهرحال طئي ٿيو تہ مھم بصري کان شروع ڪجي، پوءِ ائين ڪن چواڻي هڪ هزار ۽ ڪن روايتن موجب ٽن هزارن تي مشتمل لشڪر مڪي کان بصري روانو ٿيو. ان ڳالھہ جو اطلاع جڏهن حضرت علي عه کي پهتو تہ پاڻ انهيءَ مامري جي حل لاءِ ربيع الاول جي آخري تاريخ تي بصري رواني ٿيڻ جو فيصلو ڪيائون. الرّبذه جي مقام تي پهچي کين خبر پئي تہ بيبي عائشهرضه جي جماعت جنگ جي تياري ڪري بصري پهچي وئي آهي. بيبي صاحبہ بصري جي شهرين آڏو پنهنجو مقصد بيان ڪيو. جنهن تي شھري ٻن گروهن ۾ ورهائجي ويا، هڪڙن حضرت عليعه جي مقرر ڪيل والي عثمان بن حنيف جي حمايت ڪئي، (جنهن بيبي عائشهرضه جي مخالفت ڪرڻ بدران حضرت علي عه جي اچڻ جو انتظار ڪيو.( ٻين ماڻهن بيبي عائشهرضه جي حمايت ڪئي ۽ انهن بصري کان ٽن ميلن جي پنڌ تي ’المربد‘ مقام تي پهچي ماڻهن کي پنهنجو حمايتي بنايو. ’المربد‘ ’دباغون‘ ۽ ’دارالرزق‘ وٽ ٻنهي ڌرين جي حامين ۾ ڪجهہ جهڙپون ٿيون. حضرت علي عه ۽ بيبي عائشهرضه چاهيو پئي تہ ڪنهن طرح صلح ٿئي. نيٺ عارضي صلح ٿيو تہ جيئن فيصلو ڪري سگهجي تہ بصري ۾ حڪومت ڪنهن جي هٿ ۾ ڏجي، حالتون بدستور ڇڪتاڻ واريون رهيون. حضرت عائشهرضه بابت روايت آهي تہ هن پنهنجن حمايتين کي تاڪيد ڪيو تہ ذاتي بچاءَ کانسواءِ ڪنهن تي بہ هٿ نہ کڻن. حضرت عليعه جمادي الآخر جي وچ ڌاري بصري جي پسگردائيءَ ۾ پهچي ويو، ٻنهي ڌرين ۾ ڳالهين جي شروعات ٿي. حضرت علي عه، بيبي عائشهرضه ۽ سندن جماعت چاهيو پئي تہ صلح جي ڪا صورت نڪري. (ڪامل، 3: 238) صلح ٿيڻ تي ئي هو تہ ڪن وچ وارن جنگ ڇيڙي وڌي. بيبي عائشهرضه جي
لشڪر ۾ 30 هزار ۽ حضرت عليعه جي لشڪر ۾ 20 هزار سپاهي هئا. وڙهندڙ ٽولن ۾ هڪ ئي خاندان جا فرد بہ شامل هئا. حضرت عائشهرضه اُٺ تي سوار هئي، جنهن کي محافظن گهيري ورتو هو. (المسودي: مروج، 4: 315) جهڙپن دوران بيبي صاحبهرضه کي ٻانهن ۾ معمولي رهڙ آئي. حضرت طلحهرضه شھيد ٿي ويو، حضرت زبيررضه حضرت عليعه سان ڳالهيون ڪري ميدان جنگ مان ٻاهر نڪتو مس تہ ڪن وڳوڙين کيس دغا سان شھيد ڪري ڇڏيو. حضرت عليعه کي ڏاڍو صدمو رسيو. پاڻ جنگ ۾ ٻنهي ڌرين جي قتل ٿيل ماڻهن کي شھيد ۽ جنّتي سڏيائون. جنگ کان اڳ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ صلح جو ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ واريون هيون، پر ڪن هنگامي بازن جنگ ڇيڙي وڌي ۽ اڳواڻ بيخبر رهيا. پوءِ بہ جنگ ۾ ڌرين پڙهو ڏياريو تہ ڪو بہ ڀڄندڙ جو پيڇو نہ ڪري، زخمين تي حملو نہ ڪيو وڃي ۽ ڦرلٽ نہ ڪئي وڃي. بيبي عائشهرضه جو اُٺ وچ ميدان ۾ هو، محافظ ۽ مخالف وڙهندا ۽ قتل ٿيندا رهيا. حضرت علي عه محسوس ڪيو تہ جيستائين اُٺ ميدان ۾ بيٺل هوندو ماڻهو وڙهندا رهندا. ان وچ ۾ ڪنهن اُٺ جي پيرن ۾ تلوار جا ڌڪ هنيا ۽ اُٺ پٽ تي ڇاتيءَ ڀر جهڪيو ۽ جنگ ختم ٿي وئي. جنگ ۾ ٻنهي ڌرين جي شھيد ٿيندڙن جي انگن اکرن ۾ اختلاف آهي، پر هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو شھيد ٿيا. هيءَ جنگ 17 تاريخ 36 ھہ/ 11 ڊسمبر 656ع ۾ لڳي ۽ صبح کان شام تائين جاري رهي. جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ حضرت علي عه بيبي عائشهرضه جي سڳي ڀاءُ حضرت محمد بن ابي بڪررضه کي پنھنجي ڀيڻ بيبي عائشهرضه کي وڏيءَ عزت ۽ احترام سان وٺي اچڻ لاءِ موڪليو. جڏهن بيبي صاحبهرضه تشريف فرما ٿي تہ حضرت علي عه پاڻ اچي ساڻس مليو ۽ وڏيءَ عزت سان حضرت محمد بن ابي بڪررضه سان گڏ بيبي صاحبہ ۽ بصري جي چاليهن معزز عورتن کي مڪي روانو ڪيائين، جتان اهي پوءِ مديني منوره هليون ويون. حضرت عليعه بصري ۾ ترسي سمورن جهيڙاڪن کي معافي ڏني ۽ بصري جي ماڻهن حضرت علي عليہ السّلام جي بيعت ڪئي.
(ماخذ: طبري، البلاذري، دائره معارف اسلاميہ ۽ شاهڪار اسلامي انسائيڪلوپيڊيا).


لفظ جنگ جملھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو