جنين لوهه لڱن ۾

جنين لوهه لڱن ۾

جنين لوھہ لڱن ۾

جنين لوھہ لڱن ۾ (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب الجزائر جي صحافي علي هينريءَ جي جيل ڊائريءَ تي مشتمل آهي. جنهن جو ترجمو يوسف سنڌيءَ ڪري ڇپايو آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ تشدد ۽ ايذاءَ ڏيڻ جا طريقا پوري تفصيل سان بيان ڪيا آهن. علي هينري فرينچ هوندي بہ الجزائر جي آزاديءَ لاءِ پنھنجي هم قوم حڪمرانن خلاف وڙهيو. نتيجي ۾ جيڪي ڪجهہ ڀوڳيائين، سو سڀ هن ڊائريءَ ۾ ڄاڻايو اٿس. هو لکي ٿو تہ: هنن لفظن پڙهڻ مھل اوهين انهن ماڻهن بابت ضرور سوچيندا هوندا، جيڪي گم ٿي ويا آهن، جن کي پنھنجي آزادي ماڻڻ جو يقين هو ۽ جيڪي هن گهڙيءَ بہ بي ڊپا ٿي پنھنجي موت جي اوسيئڙي ۾ آهن. انهن بابت، جيڪي ٽياس تي ٽنگيا ويا آهن، انهن جي باري ۾ جيڪي نفرت ۽ تشدد جي باوجود بہ فرينچ ۽ الجزائري ماڻهن جي وچ ۾ امن ۽ دوستيءَ تي يقين رکن ٿا، ڇو تہ هيءُ ڪتاب انهن مان هر هڪ جي ڪهاڻي بہ ٿي سگهي ٿو. 74 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 13 روپيا آهي، جنهن کي 1990ع ڌاري سچائي اشاعت گهر دڙي پاران شايع ڪرايو ويو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو