جنوري

جنوري (January ):جارجيا ڪئلينڊر مطابق، جنوري سال جو پهريون مهينو آهي، جيڪو سال جي ستن مهينن وانگر 31 ڏينهن تي مشتمل هوندو آهي. سال جي پهرئين مهيني جو پهريون ڏينهن ’نئين سال جي ڏينهن‘ (New Year’s Day) طور سڄي دنيا ۾ ملهايو وڃي ٿو. رومن جو اهو چوڻ آهي ته جنوري لفظ جانوس (Janous) مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ’دروازو کولڻ وارو ديوتا‘. جنوري به جيئن ته سال جو دروازو کولي ٿي، ان ڪري چيو وڃي ٿو ته 713ق.م ڌاري روم جي بادشاهه نوما پومپليس (Numa Pompilius) جنوري ۽ فيبروريءَ جا مهينا ڪئليندر ۾ وڌايا ۽ ڪئلينڊر واري سال کي 365 ڏينهن تي مشتمل ڪيو.
جارجيا ڪئلينڊر مطابق سال جا ٻه مهينا جنوري ۽ آڪٽوبر، مهيني جي ساڳئي ڏينهن سان شروعات ڪن ٿا ۽ ساڳئي ڏينهن تي مهيني جي پڄاڻيءَ تي پهچن ٿا. عام طور جنوري مهيني جو آخري ڏينهن ۽ فيبروري ۽ آڪٽوبر جو آخري ڏينهن ساڳيو هوندو آهي. اهڙيءَ طرح اپريل ۽ جولاءِ پڻ مهيني جي ساڳين ڏينهن کان شروعات ڪن ٿا.


لفظ جنوريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو