جنت البقيع

جنت البقيع

جنت البقيع

جنت البقيع: جنت البقيع، مديني منوره جي مقدس مقامن ۾ شامل آهي، هي مقام مسجدِ نبويءَ کان اوڀرندي طرف واقع آهي. مديني جي هن مقام سان ڪيترائي واقعا ۽ يادون وابستہ آهن، اها جاءِ آهي. جنهن کي پهرين ’بقيع الغرقد‘ چيو ويندو هو. غرقد هڪ قسم جو وڻ هو، جيڪو پهرين جنت البقيع جي آس پاس ٿيندو هو ۽ هن جاءِ تي مقام ٺھڻ سان آهستي آهستي اهي وڻ ختم ٿيندا ويا. اسلام کان پهرين جنت البقيع يثرب (مديني) وارن جو قبرستان هو. اسلام کانپوءِ مديني جي اهم ۽ مقدس مقامن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. پهرين هيءَ جاءِ مديني جي حدن کان ٻاهر هئي، پر هاڻي مديني شھر جي وچ ۾ اچي وئي آهي. جنت البقيع وڃڻ لاءِ چار رستا شاهراھہ ستين، شاهراھہ عبدالعزيز، شاهراھہ ابي ذر ۽ شاهراھہ باب العوالي آهن. رسول ڪريم صلي عليہ وسلم جي زماني ۾ پڻ هيءَ جاءِ زيارتگاھہ هئي. جنت البقيع ۾ مدفون پاڪ ۽ بابرڪت هستين ۾ حضرت فاطمة الزهرا سلام عليه، حضرت فاطمہ بنت اسد سلام عليها (حضرت علي عليہ السلام جي والدہ)، حضرت امام حسن عليہ السلام، حضرت امام زين العابدين عليہ السلام، حضرت امام باقر عليہ السلام، حضرت امام جعفر صادق عليہ السلام، حضرت ام البنين فاطمہ ڪلابيه سلام عليها (حضرت غازي عباس عليہ السلام جي والدہ)، حضرت عباس ابنِ عبدالمطلب عليہ السلام، بيبي صفيه ۽ بيبي عاتڪه (حضور صلعم جن جون پڦيون)، حضرت ام ارباب زوجہ حضرت امام حسين عليہ السلام، حضرت بن عبدالمطلب'>عبدالله بن عبدالمطلب عليہ السلام (حضور صلعم جن جو والد)، حضرت عقيل بن ابي طالب عليہ السلام، حضرت عبدالله بن جعفر طيار، حضرت ابراهيم بن رسول صلي عليہ وآله وسلم، حضرت امام مالڪ رحمة عليه، امام نافع رحمة عليه، حضرت عثمان بن عفان رضي تعاليٰ عنه، حضرت عثمان بن مظعون رضي تعاليٰ عنه، جناب عبدالرحمٰن بن عوف، جناب بن خدافته، بيبي رقيه زوجہ حضرت عثمان رضي تعاليٰ عنه، جناب ابوهريره، امام شافعرح، بيبي عائشہ صديقه رضي عنه، بيبي صفيه، بيبي سوده، بيبي حفصه ۽ جناب عبدالله بن مسعود اچي وڃن ٿا. انهن کان سواءِ جنگ احد جي يارهن شھيدن جون مزارون بہ هتي آهن. جنت البقيع، حج ۽ عمري لاءِ ويندڙ زائرين لاءِ بابرڪت زيارتگاھہ آهي .


لفظ جنت البقيعھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو