جميل اختر

جميل اختر: جميل اختر ولد محمد نواب حسن 10 آگسٽ 1958ع تي گرهول شريف ضلعي سيتا مڙهي (بھار) ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ڪمهروليءَ مان حاصل ڪيائين. گريجوئيشن جي تعليم متهلا يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائين. ايم. اي، ايم. فل ۽ پي. ايڇ. ڊي جون سندون ’جواهر لال‘ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائين. تعليم کان فارغ ٿي N.C.E.R.T جو پروجيڪٽ انچارج ٿيو. 1995ع ۾ جامعہ مليه اسلاميه، دهليءَ ۾ ريسرچ اسڪالر مقرر ٿيو. ڊاڪٽر جميل اختر ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾: قرة العين حيدر سان ٿيل گفتگو تي لکيل ڪتاب ’انداز بيان اردو‘ ، ’اقبال اور اشتراڪيت‘، ’فرهنگ اصطلاحات ابلاغ‘ وغيرہ شامل آهن. ان کانسواءِ ٽي. وي، ڊرامن، فلم ۽ اخبارن بابت سندس ڪيتريون ئي تحريرون شايع ٿيل آهن. ڊاڪٽر جميل نيشنل اوپن اسڪول جي تعاون سان ٻہ ڪتاب ’اردو مختصر نويسي‘ ۽ ’اردو ٽائيپ رائيٽنگ‘ مرتب ڪيا آهن، جيڪي اردو ادب ۾ مفيد سمجهيا وڃن ٿا .


لفظ جميل اخترھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.08.10  عيسوي

جميل اختر ولد محمد نواب حسن 10 آگسٽ 1958ع تي گرهول شريف ضلعي سيتا مڙهي ( بهار ) ۾ پيدا ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جيمس ينگ سمپسن
حسن بن صباح
حميدہ کهڙو ڊاڪٽر
سيد خيرالدين گيلاني
شھباز شريف
عـاقـب جـاويـد
پير بخش خاصخيلي
شوپنهار آرٿر
حڪيم محمد امين سومرو
درمحمد پنهور مولانا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون