جميلا هاشمي

جميلا هاشمي

جميلا هاشمي 1

جميلا هاشمي: نامور ڪهاڻيڪاره، ناول نگار ۽ ليکڪا جميلا هاشميءَ 17 نومبر 1929ع تي فيصل آباد ۾ جنم ورتو. 1954ع ۾ پنجاب يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي مان ايم. اي جي ڊگري حاصل ڪري استاد مقرر ٿي هن ان وقت کان ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. سڀ کان پهرين قرت العين حيدر جي ادارت ۾ نڪرندڙ رسالي ’نئي دنيا‘ ۾ لکڻ شروع ڪيائين ۽ مسلسل لکندي رهندي. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ’اپنا اپنا جھنم‘ جي نالي سان ڇپيو، جنهن کيس بھترين ڪهاڻيڪاره طور اردو ادب ۾ متعارف ڪرايو. ان بعد سندس پهريون ناول ’تلاشِ بهاران‘ (1962ع) ڇيپو. سندس ان ناول تمام گهڻي مشهوري ماڻي. سندس شھرت ۽ سڃاڻپ جو بنياد سندس ناول ’چھرہ بہ چھرہ روبرو‘ ۽ ’دشت سوس‘ شامل آهن. سندس لکيل ناول ’دشت سوس‘ حسين بن منصور جي زندگي، فڪر ۽ هڪ شاهڪار ناول آهي. سندس ٻئي ناول ’دشت سوس‘، ’عشق جو آواز‘ جي نالي سان ۽ ’چھرہ بہ چھرہ روبرو‘ ،’آمهون سامهون‘ عنوان سان لطيف اياز پنهور سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپايا آهن. جميلا هاشمي سڄي عمر لکڻ سان نڀاءُ ڪيو. هن 1998ع ۾ وفات ڪئي. سندس نياڻي عائشہ صديقه بہ ادبي دنيا ۾ پنھنجي الڳ سڃاڻپ قائم ڪئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.11.17  عيسوي

نامور ڪهاڻيڪاره، ناول نگار ۽ ليکڪا جميلا هاشميءَ 17 نومبر 1929ع تي فيصل آباد ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رُڪمڻي سندر چئناڻي
چرن داس گُر سھاڻي
زاهده تاج ابڙو
رحمت ﷲ ماڃوٺي
انيس گل عباسي
فضل سليمان قاضي
سنڌو ميراڻي
چيٽرجي شرت چندر
علي نواز آريسر
شعبان بخت
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون