جمن شاھہ شھيد جو ميلو

جمن شاھہ شھيد جو ميلو: هيءُ ميلو ميرپورخاص شھر کان ڪجهہ مفاصلي تي قائم ڳوٺ مير غلام علي ٽالپر ۾ تاريخ 14،15،16 ذوالحج تي وڏي ڌام ڌوم سان لڳي ٿو. هن ۾ ڪيئي ناميارا پهلوان حصو وٺندا آهن. هن ميلي ۾ کٽڻ واري پهلوان کي خاص انعام ڏنو ويندو آهي. تنهن کانسواءِ گهوڙن جو ميل، ڍڳن جو ميل ۽ ٿيئٽر بہ ٿيندو آهي ۽ مفت فلم شو بہ ٿيندو آهي. ان کان علاوہ ميلي ۾ راڳ ۽ محفل جو اهتمام بہ ڪيو ويندو آهي. هن ميلي کي ڏسڻ لاءِ گهڻا شائقين ايندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو