
جمبو گاهه
جمبو گاھہ (Jumbo Grass ):جمبو گاھہ بھار يا اونهاري ۾ پوکيو وڃي ٿو. هيءُ فصل گاھہ طورگهڻي پيداوار ڏيندڙ آهي. ڇاڪاڻ تہ سنگ يا گل دير اچڻ جي ڪري هن گاھہ جي پيداوار گهڻو وقت قائم رهي ٿي. جمبو گاھہ جانورن جي چاري لاءِ گهڻي عرصي تائين هلي ٿو. هن گاھہ ۾ پن گهڻا ٿين ٿا ۽ چاري لاءِ وڌيڪ مقدار ملي ٿو. هن گاھہ ۾ پنن جو ڏانڊين کان وڌيڪ تعداد ٿيندو آهي، جنهنڪري چاري جو معيار سٺو اٿس. گاھہ جي خشڪ مادي جي پيداواري صلاحيت وڌي وڃڻ سبب ۽ مناسب مٺاڻ هئڻ ڪري جمبو گاھہ مال جي کائڻ لاءِ لذيذ ٿئي ٿو، جنهنڪري گوشت ۽ کير جي پيداوار ۾ پڻ اضافو ٿئي ٿو. آبهوا جي غير مناسب حالتن ۾ ٻين گاهن جي واڌ گهٽ ٿئي ٿي، پر جمبي گاھہ جي واڌ قائم رهي ٿي. سنڌ جي لاڙ توڙي وچولي وارن ڀاڱن ۾ هيءُ گاھہ مال جي چاري طور پوکيو وڃي ٿو.
آبهوا: جمبو گاھہ آبهوا جي سخت حالتن ۾ بہ ٻين گاهن جي ڀيٽ ۾ واڌ قائم رکي ٿو. هيءُ گاھہ بھار ۽ اونهاري جو فصل آهي. عام حالتن ۾ جمبي گاھہ ۾ پوکيءَ بعد 180 ڏينهن تائين گل نٿا اچن، جڏهن تہ ٻين گاهن ۾ 60 ڏينهن اندر گل نڪري اچن ٿا، پر جيڪڏهن گاھہ جي چارائي ۾ دير ٿئي، تڏهن بہ فصل تي گل نٿا اچن ۽ گاھہ ۾ مٺو ذائقو برقرار رهي ٿو.
هن گاھہ جي پوک لاءِ بهتر پاڻيءَ جي نيڪال واري زمين جي چونڊ ڪرڻ گهرجي. هن فصل جي پوک لاءِ لٽاشي زمين موزون هوندي آهي، پر جيڪڏهن زمين ۾ پاڻيءَ جو نيڪال صحيح نہ هجي تہ هر ڏئي زمين کي نرم ڪجي.
زمين جي تياري: اڳئين فصل مان گندگاھہ ڪڍڻ لاءِ ٿالهين وارو هر ڏئي زمين کي هموار ڪرڻ گهرجي تہ جيئن پاڻيءَ جي گهٽ وڌائيءَ سبب گاھہ جي واڌ متاثر نہ ٿئي، بعد ۾ ٻہ ٽي هر ڏئي ۽ سانهر گهمائي زمين کي پوکيءَ لاءِ تيار ڪجي.
پوکيءَ جو وقت ۽ طريقو: هن گاھہ جي پوکڻ جو صحيح وقت مارچ جو مهينو هوندو آهي. گاھہ جي پهرين لُڻائي مئي جي مهيني ۾ ٿي سگهي ٿي. جڏهن تہ هن گاھہ کي مارچ بعد بہ پوکي سگهجي ٿو. جمبو گاھہ گهڻن لابن ڪٽائي (Multi Cut) وارو گاھہ آهي. ان ڪري هن گاھہ کي گهڻي عرصي تائين استعمال سبب قطارن ۾ پوکيو وڃي ٿو. جنهنڪري گندگاھہ جي صفائي، ڀاڻ ۽ دوائن جي استعمال ۾ آساني ٿئي ٿي. پوکيءَ وقت فصل جي قطارن وارو مفاصلو ڏيڍ فوٽ هئڻ گهرجي ۽ زمين ۾ گهم يا پوسل جو خاص خيال رکجي.
ٻج جو مقدار: جمبي گاھہ لاءِ ٻج جو مقدار 8 ڪلوگرام في ايڪڙ هئڻ گهرجي.
ڀاڻ ڏيڻ: هن فصل ۾ پوکيءَ وقت ٻہ ٻوريون نائٽروفاس، هڪ ٻوري پوٽاشيم سلفيٽ پهرين لڻائيءَ وقت ۽ هڪ ٻوري امونيم نائٽريٽ پهرين پاڻي يا 21 ڏينهن بعد ڏجي.
پاڻي ڏيڻ: هن گاھہ جي فصل ۾ پهريون پاڻي پوکيءَ جي 20 کان 25 ڏينهن بعد ڏيڻ کپي تہ جيئن ٻج مضبوطيءَ سان پاڙون لڳائي. گرمي گهڻي هجي تہ پاڻي تڪڙو ڏيڻ کپي، بعد ۾ زمين اندر گهم جو تناسب رکي پاڻي ڏيڻ جو وقت مقرر ڪجي.
گُڏ ڪڍڻ: فصل ۾ گندگاھہ جي وڌڻ جو امڪان رهندو آهي جنهنڪري فصل ۾ گڏ ڪڍڻ ذريعي گندگاھہ ختم ڪجي.
ڪٽائي يا لوب وٺڻ: هن گاھہ جا تيلا 3 کان 4 فوٽ ڊگها ٿين تہ انهن جي لڻائي ڪجي، جيڪو لڻائيءَ جو صحيح وقت ٿئي ٿو. ان عرصي ۾ گاھہ ۾ پروٽين ۽ لذت تمام گهڻي ٿئي ٿي. لڻائيءَ ۾ دير سبب گاھہ سخت ٿي ويندوآهي.
پيداوار: هن فصل جي پيداوار 1600 کان 2000 مڻ في ايڪڙ ملي ٿي.