جمال الدين لانگاھہ

جمال الدين لانگاھہ: جمال الدين ولد عزيز ﷲ لانگاھہ 15 جون 1954ع تي ڳوٺ خان پنهور'>آدم خان پنهور تعلقي جيڪب آباد ۾ ڄائو. پنھنجي ڳوٺ ۽ جيڪب آباد جي علمي ادارن کان تعليم حاصل ڪندي 1985ع ۾ بي. اي پاس ڪيائين. هي هڪ صحافي، فنڪار ۽ سماجي ورڪر آهي. 1979ع ۾ هو ’نواءِ انقلاب‘ ۽ روزانہ ’آفتاب‘ جي نمائندي جي حيثيت سان صحافت ۾ آيو. 1992ع ڌاري پنھنجي اخبار هفت روزہ ’امداد‘ جيڪب آباد کان جاري ڪيائين. هڪ فنڪار جي حيثيت سان ’گهڙو‘ تمام سٺو وڄائي ٿو ۽ ٽي. وي جي ڪجهہ پروگرامن ۾ بہ شريڪ ٿيو آهي. هڪ سماجي ڪارڪن جي حيثيت سان هو ’شھري اتحاد‘ جيڪب آباد ’لانگو‘ ويلفيئر ائسوسيئيشن ۾ خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.06.15  عيسوي

جمال الدين ولد عزيز الله لانگاهه 15 جون 1954ع تي ڳوٺ آدم خان پنهور تعلقي جيڪب آباد ۾ ڄائو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علي رضا قاضي
الطاف حسين قريشي
جميل احمد ميمڻ
رڪ سنڌي
ارشاد مستوئي
حيدري نذير حسين
آر بي سارنگ
ضمير نيازي
زاهد ملڪ
اعجاز حسين مھر
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون