جمالين جو قبو 3

جمالين جو قبو 3

جمالين جو قبو 3

جمالين جو قبو-3: هيءُ مقبرو سخي اميد عليءَ جي قبرستان ۾ واقع آهي، جيڪو ديھه اين-87 تعلقي نوابشاھہ ۽ ضلعي بينظيرآباد (نوابشاھہ) ۾ آھي. ھيءُ ماڳ اتر ڊگهائي ڦاڪ 26015'0'' ڊگرين ۽ اوڀر ويڪرائي ڦاڪ 68026'35'' ڊگرين تي آھي. ھن جي اڏاوت ۾ پڪيون سرون، گارو ۽ ڳچ استعمال ٿيل آھي. مقبرو ڊيگهه ويڪر ۾ 5 ميٽر ۽ اوچائيءَ ۾ 8 ميٽر آھي. مقبرو چورس شڪل ۾ ٺهيل آھي. لنگهه اوڀر ۾ اٿس. مھاڙي چورس ۽ مستطيل پانيلن سان سينگاريل آھي. ٽن پاسن کان ونگن واريون دريون اٿس. ڳچ جي مٿان گول گنبذ ٺھيل آھي، جيڪو اٺڪنڊو آھي. گنبذ جو نمونو ابراھيم لوڌيءَ جي مقبري واري گنبذ جهڙو آھي، جيڪو 1500ع ۾ ٺاھيو ويو ھو. گنبذ- گچ تي پلستر ٿيل آھي. باقي ٻاھريون حصو ڀرڙو آھي. اندر طاقت سان پانيل ھر حصي کي ڏنا ويا آھن. اولھه پاسي محراب ٺھيل آھي، جنھن جو ڍڍر ٻاھر نڪتل آھي. گنبذ- ڳچ کي چار دريون ھوا جي گذر لاءِ ڏنل آھن. اندران پلستر ٿيل نہ آھي. مقبري اندر ڪل ٽي قبرون ٺھيل آھن، جن تي ڪو بہ ڪتبو يا لکت ڪا نہ آھي ان لاءِ چئي نٿو سگهجي تہ ڪنھن جون آھن. ھن وقت مقبرو خراب حالت ۾ آھي. چوڌاري جهنگلي گاھ وڪوڙي ويو اٿس. مقبرو سم ۽ ڪلر جي ور چڙھيل آھي هيءُ مقبرو ميرن جي دور جي اڏاوت جو نمونو آهي. مقبري نشين بابت ڄاڻ ڪا نہ ٿي ملي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو