
جلوه گاهه امامين
جلوہ گاھہ امامين: جلوہ گاھہ امامين جي مقدس جاءِ ٺٽي شھر ۾ مڪلي تي واقع آهي. سنڌ جي مستند تاريخ مڪلي نامہ ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي ۽ تحفة الطاهرين ۾ شيخ محمد اعظم ٺٽوي جلوہ گاھہ امامين بابت لکن ٿا تہ: ”جلوہ گاه امامين تمام مقدس ۽ بابرڪت هنڌ آهي، جنهن هنڌ جلوہ گاھہ امامين آهي. شروعات ۾ بلڪل صاف ميدان هو، سڀ کان پهرين هڪ ٻڪرار انهيءَ سرزمين جي اسـرار کي دريـافـت ڪـيـو. روايت آهي تہ اهو ٻڪرار روزانو مڪليءَ تي ٻڪريون چـاريـنـدو هـو. ٻـڪـريـون چرندي چرندي جڏهن انهيءَ هنڌ پهچـنـديــون هيون تہ نهايت خاموشيءَ ۾ هڪ غير معمولي حالت سان انهيءَ کان پاسو ڪري اڳتي وڌي وينديون هيون. ٻڪرار روزانو اهو تماشو ڏسندو رهيو، پر خبر نہ ٿي پيس تہ سبب ڪهڙو آهي. هڪ ڏينهن انهيءَ جاءِ تي ٻڪرار هڪ ولي ۽ بزرگ کي نهايت ادب ۽ احترام سان دعا گهرندي ڏٺو. ٻڪرار اڳتي وڌي انهيءَ بزرگ کان حقيقت حال پڇي ۽ پنھنجي ٻڪرين جو سڄو قصو پڻ ٻڌايائينس. بزرگ هن کي چيو تہ: هي جاءِ ﷲ جي پاڪ ۽ برگزيده هستين جي آهي، ملڪ ۽ ملڪوت جو عالم بہ انهن جي حڪم جا تابع ۽ اطاعت ڪندڙ آهن. اهو واقعو ڄام نظام الدين جي دؤر (866ھہ/1461ع -914ھہ/1508ع) کان اڳ جو چيو وڃي ٿو. ڄام نظام الدين جي دؤر ۾ مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد (مخدوم اسحاق ڀٽي هالائي جا پٽ) هڪ دفعي زيارت لاءِ آيا ۽ مختلف زيارتون ڪندا جڏهن انهيءَ جاءِ تي پهتا تہ نهايت ئي ادب ۽ احترام سان پيرين اگهاڙا خشوع ۽ خضوع سان دعائون گهرڻ لڳا. ماڻهن هنن کان پڇيو تہ خالي پٽ مٿان دعائون ڇو ۽ ايڏو ادب ڇا جي ڪري؟ جنهن تي پاڻ چيائون تہ: هي اها جاءِ آهي، جنهنجو رتبو عرش کان بہ افضل آهي. انهن ٻنهي بزرگن اها ڳالھہ ظاهر ۽ مشھور ڪئي تہ انهيءَ مقدس سرزمين تي جلوہ جمال جھان آرائي حضرت امامين ڪريمين ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جنهن کانپوءِ هر ڪو انهيءَ مقدس سرزمين جو احترام ڪرڻ لڳو ۽ هر خاص و عام جي لاءِ هڪ مقدس زيارتگاھہ بنجي پئي. مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد جي زماني ۾ هن جو مرتبو ۽ شرف مشھور ٿيو، پر هن زمين جي حد بندي سڀ کان پهرين ميان ملوڪ شاھہ نالي هڪ بزرگ ڪئي، روايت آهي تہ هڪ ڏينهن حقيقت ۽ معرفت جو صاحب ميان ملوڪ شاھہ هن سرزمين جي واٽ کان اچي لنگهيو ۽ اتي ٻن عظيم ۽ مقدس نورن جي نور جي تجلي ڏسي هڪدم ادب وچان سجدي ۾ ڪري پيو، جنهن سبب سندس چهرو نوراني ٿي پيو. ان ڪري ميان ملوڪ شاھہ ان سرزمين چؤڌاري ڀتيون کڻائي حد بندي ڪري ڇڏي. جڏهن نواب سيف ﷲ خان ٺٽي جو نواب ٿي آيو، تڏهن هن نواب پنھنجي دور ۾ ميان ملوڪ شاھہ جي تعميرات (جيڪا زبون حالت ۾ هئي) ڊهرائي، 1140 ھہ/ 1727ع ۾ پڪي پختي اڏاوت ڪرائي. جنهن کانپوءِ مختلف دؤرن ۾ مختلف مخير ماڻهن هن مقدس زمين تي جدا جدا اڏاوتون ڪري پنهنجا پنهنجا نشان ڇڏيا. انهيءَ مقدس عمارت جي ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ميان نور محمد خان ڪلهوڙي جي پٽ خداداد خان ۽ ٽالپرن پڻ مرمت ڪرائي ۽ انهن کانپوءِ هر دؤر ۾ مرمت ٿيندي آئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ تائين اها عمارت سالم ۽ سلامت آهي. جلوہ گاھہ امامين جي احاطي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اتر کان اوڀرائينءَ ڪنڊ ۾ هڪ ننڍو ڪاٺ جو دروازو آهي، اهو دروازو نواب سيف ﷲ جو لڳرايل آهي. انهيءَ دروازي جي مٿان هيٺيون ڪتبو پٿر جي ننڍيءَ تختيءَ تي اڪريل آهي: ان ﷲ وملائڪته يصلون علي النبي يا ايها الذين آمنو صلو عليہ وسلموا تسليما. 1140ھہ جلوہ گاھہ امامين جي پهرئين صحن کي طئہ ڪري ڏاکڻين ڀت کان ٻاهر ٿبو تہ هڪ ٺل نظر ايندو، ان جي مٿان هڪ پٿر نصب ٿيل آهي، جنهن تي ٻن قدمن جا نشان آهن. هڪ روايت مطابق اهي نشان نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وآله وسلم جي ۽ ٻي روايت مطابق اهي نشان امير المؤمنين حضرت علي ابنِ ابي طالب عليہ السلام جي مبارڪ قدمن جا نشان آهن. ٺٽي جي گورنر نواب سيف ﷲ خان جنهن جلوہ گاھہ امامين جي مقدس زمين تي زيارتگاھہ لاءِ هڪ عمارت ٺهرائي هئي، تنهن کي وصيت مطابق جلوہ گاھہ امامين جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو. سندس قبر جلوہ گاھہ امامين جي اوڀارين ڀت سان لڳ هڪ چؤديواريءَ اندر آهي، نواب سيف ﷲ خان جي دفن ٿيڻ کانپوءِ جلوہ گاھہ امامين جي ٻاهر واري زمين اهل تشيع جي مقام يا قبرستان جي صورت اختيار ڪري ورتي. موجودہ دور جو نامور ترقي پسند اديب ناصر مورائي پڻ هتي دفن ٿيل آهي. نواب سيف ﷲ جي قبر مٿان هڪ ڪتبو لڳل آهي، جنهن تي هي الفاظ اڪريل آهن: (مڪلي نامي موجب) (1) يا ﷲ (2) الّلهم صل (3) عَليٰ محمد المصطفيٰ و عـّّلي (4) المرتضيٰ و فاطمة الزهراءِ (5) والحسن والحسين و علي (6) زين العابدين و محمد الباقر و (7) جعفر الصادق و موسيٰ الکاظم (8) و علي الرضا و محمد التقي و علي (9) النقي والحسن العسکري و محمد (10) المهدي صاحب الزمان صلوات (11) ﷲ و سلام عليهم (12) اجمعين (13) سيف جنگ خلد منزل از دلي (14) کز و فاتش خلق مشتاق فنا ست (15) از براءِ جستن تاريخ او نکته (16) سنجان راز فکرش جان بکاست بلبل (17) طبعم ز غم نا ليد و گفت دست وي بادامن (18) آلِ عباست (19) نهم ذي قعدہ هن قبرستان ۾ ايران جو مشھور شاعر آقا محمـد ڪريـم اصـفـهـاني ’عاشق‘پڻ دفن ٿيل آهي. هي اصفهان مان لڏي اچي ٺٽي ۾ مقيم ٿيو ۽ هتي ئي 1155ھہ/ 1742ع ۾ وفات ڪيائين.
1155.00.00 هجري
هن قبرستان ۾ ايران جو مشهور شاعر آقا محمـد ڪريـم اصـفـهـاني ’ عاشق ‘ پڻ دفن ٿيل آهي . هي اصفهان مان لڏي اچي ٺٽي ۾ مقيم ٿيو ۽ هتي ئي 1155هه/ 1742ع ۾ وفات ڪيائين .
1742.00.00 عيسوي
هن قبرستان ۾ ايران جو مشهور شاعر آقا محمـد ڪريـم اصـفـهـاني ’ عاشق ‘ پڻ دفن ٿيل آهي . هي اصفهان مان لڏي اچي ٺٽي ۾ مقيم ٿيو ۽ هتي ئي 1155هه/ 1742ع ۾ وفات ڪيائين .