جلال محمد مخدوم2

جلال محمد مخدوم2: سنڌ جي علائقي ڪڪرالي جو ناميارو عالم مخدوم جلال محمد پنھنجي زماني جو برک عالم، تقرير ۽ تحرير جو ماهر ٿي گذريو آهي. هيءُ وڏو مدرس، عالم، فقيھہ، مفسر، نجوم جو ڄاڻو ۽ طب جو ماهر هو. ڪڪرالي ۾ سندس نالي سان ’مخدوم جلال محمد جي‘ درسگاھہ قائم هئي، جنهن ۾ درس ۽ تدريس ڏيندو هو. هيءُ بزرگ پنھنجي مدرسي ۾ شاگردن ۽ عام خاص ماڻهن سان ائين رلي ملي ويندو هو، جو هر ڪو کيس پنهنجو پيو سمجهندو هو. هن پنھنجي حياتي سادگيءَ سان گذاري. کانئس ڪيترن طالبن ۽ ماڻهن علمي فيض پرايو. سنڌ جو هي يگانو عالم 1151ھہ مطابق 1738ع ۾ وفات ڪري ويو.



هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1151.00.00  عيسوي

جلال محمد مخدوم 2- سنڌ جو هي يگانو عالم 1151هه مطابق 1738ع ۾ وفات ڪري ويو .


1738.00.00  عيسوي

سنڌ جو هي يگانو عالم 1151هه مطابق 1738ع ۾ وفات ڪري ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حميد شيخ
احسان ايڇ نديم
صوفي فقير عبدالله سومرو
بلاذري
جوش شيخ عبدالحليم
عمران خان 1
شفيع اوڪاڙوي مولانا
احسان دانش ڊاڪٽر
خواجہ ﷲ بخش غفاري سھڻا سائين
ابڙو اگهام
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون