جلالو

جلالو (لوڪ گيت ):ٿر جو هي مشھور گيت اڪثر زالون خوشيءَ جي موقعي تي ڳائينديون آهن. هن لوڪ گيت کي مجاز ۽ محبت جي مضمون تي آڌاريل گيت چئي سگهجي ٿو. هن گيت جي پسمنظر ۾ هڪ عورت پنھنجي مڙس جي واپس اچڻ جي خبر ٻڌي خوش ٿيندي آهي ۽ پوءِ هوءَ ساهيڙين آڏو خوشيءَ جي اظهار طور سڏي کين ٻڌائي ٿي تہ چوڏسائن ۾ اڄ چمڪاٽ ان لاءِ آهن، ڇو تہ ٻڌو اٿم تہ جلالو آيو آهي ۽ پوءِ اها عورت هن گيت ۾ پنھنجي انهن ساهيڙين کي منٿ ڪري ٿي تہ اهي سندس مڙس کي وٺي اچن تہ هوءَ کيس ڏسي اکيون ٺاري. هن گيت لاءِ روايت آهي تہ آڳاٽي زماني ۾ ’جلالو‘ نالي ڪو شخص پرديس ويو ۽ پويان سندس زال فراق ۾ گيت چيا ۽ پوءِ اهي گيت انهيءَ نالي سان ئي مشھور ٿي ويا. هن لوڪ گيت جو هڪ شعر نموني طور هيٺ ڏجي ٿو. سَکي مانجي! آيو ڙي جلالو ڏيس ۾، (اي سکي جلالو هن ديس ۾ آيو آهي) اهين بجلين ڙي چاري ڏيس ۾. (ان ڪري بجليون چئني ڏسن ۾ چمڪن پيون.)


لفظ جلالوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو