جعفر طيار عليہ السّلام

جعفر طيار عليہ السّلام: حضرت طيار عليہ السّلام'>جعفر طيار عليہ السّلام، حضرت ابوطالبرحه جو پٽ هو، سندس ڪنيت ابو عبدالله، ابوالمساڪاني ’يعني مسڪينن جو ابو يا مسڪينن جو خاص خيال رکندڙ‘، لقب طيار ۽ ذوالجناحين هو، سندس والدہ ماجده بيبي فاطمہ بنت اسدعه هئي. حضور صلي عليہ وسلم جو سئوٽ ۽ حضرت علي ڪرم وجه جو سڳو ڀاءُ هو. حضرت ابو طالب عليہ السّلام ۽ سندس گهر واريءَ ۽ اولاد سڀ کان پهرين اسلام جي حفاظت خاطر سر ڏنا ۽ اسلام خاطر مصيبتون سٺيون. حضرت جعفر طيار جي ولادت 30 عام الفيل ۾ ٿي. سندس تربيت نبي ڪريم صلي عليہ وسلم ۽ سندس والد ابو طالب جن ڪئي. حضرت جعفرعه قريش جي ظلمن کان تنگ ٿي، حبش ڏانهن هجرت ڪئي. مسلمانن حضرت جعفر کي پنهنجو امير بنايو. حضرت جعفر هجرت جي ڇهين سال تائين حبش ۾ رهيو ۽ 7 هجري/628ع ڌاري فتح خيبر واري ڏينهن مديني منور ۾ حاضر ٿيو. حضور صلي عليہ وسلم جن بقول بيبي عائشهضه جي سندن شاندار استقبال ڪيو ۽ کيس گلي سان لڳايو ۽ فرمايائون تہ حضرت جعفر رضي عنه جي اچڻ سان مون کي وڌيڪ خوشي ٿي آهي. حضور صلي عليہ وسلم جن جڏهن قيصر روم، خسرو ايران ۽ عزيز مصر کي دعوت اسلام جا خط موڪليا تہ شرجيل نالي هڪ ڪافر نبي سڳوري جي موڪليل قاصد حارث بن عمير کي شھيد ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ ان جي قصاص لاءِ نبي سڳوري پاڻ ٽي هزار فوج شام ڏانهن رواني ڪئي ۽ ان جو سپھہ سالار حضرت جعفر طيار مقرر ٿيو. نبي سڳوري صلي عليہ وسلم جن فرمايو تہ جيڪڏهن حضرت جعفر طيار عه شھيد ٿي وڃي تہ زيد بن حارث ان جو جانشين ٿيندو، اهو بہ شھيد ٿي وڃي تہ عبدالله بن رواحه ان جي جاءِ وٺندو. موت جي هنڌ تي پهچي مسلمانن جو مقابلو شرجيل جي هڪ لک فوج سان ٿيو. اهو واقعو جمادي الاول 8 ھہ/ 629ع ۾ پيش آيو. حضرت زيد جي شھيد ٿي وڃڻ کانپوءِ حضرت جعفر طيارعه جوش ۾ آيو ۽ وڌيڪ همت سان جنگ ڪرڻ لڳو ۽ اڳتي وڌيو تہ دشمنن سندس گهيرو ڪيو. جيتوڻيڪ سندس سمورو جسم زخمن سان چور ٿي ويو، سندس ٻئي هٿ ڪپجي ويا، پر جهنڊي کي ڪرڻ نہ ڏنائين ۽ شهادت ماڻيائين، ان وقت سندس عمر 40 سال هئي. حضرت جعفر طيارعه جي تدفين پاڻ سڳورن ڪئي. نبي سڳوري صلي عليہ وسلم جعفر جي شهادت جي خبر اچڻ کان اڳ ئي اصحابن کي سندس شهادت جي خبر ٻڌائي، کين ڪيتري وقت تائين جعفر جي شهادت جو غم رهيو. ان وقت حضرت جبرائيل عليہ السلام نبي سڳوري صلي عليہ وسلم جن کي بشارت ڏني تہ تعاليٰ، حضرت جعفر طيارعه کي ٻن ڪپيل هٿن جي عيوض ٻہ نوان هٿ عنايت ڪيا آهن ۽ پاڻ انهن هٿن سان جنت جي ملائڪن سان گڏ اڏرندو رهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو کيس ’جعفر طيار‘ ۽ ’ذوالجناحين‘ چيو ويندو آهي.
حضرت جعفر طيار جي شهادت تي حضرت حسانرضه هڪ طويل مرثيو چيو آهي، جيڪو تاريخ اسلام جي سڀني مستند ڪتابن ۾ موجود آهي. حضرت جعفر طيار کي ٽي پٽ هئا. حضرت عبدالله، حضرت محمد بن جعفر ۽ حضرت عون. حضرت عبدالله جي شادي حضرت علي عليہ السّلام جي نياڻي بيبي ام الممصائب زينب سلام عليہ سان ٿي. حضرت جعفر طيارعه جي ٻئي فرزند محمدعه جي شاديءَ حضرت علي ڪرم وجه جي ٻيءَ ڌيءَ اُم ڪلثوم سان ٿي. ٽئي پٽ جي باري ۾ ڪا مثبت تاريخ نہ ٿي ملي.
حضرت جعفر طيارعه صورت ۽ سيرت ۾ نبي ڪريم صلي عليہ وسلم جي هم شڪل هو. خود نبي ڪريم صلي عليہ وسلم حضرت علي ڪرم وجه کي فرمايو هو تہ: ’ان النبي صلي عليہ وسلم قال لجعفر اشبهت خلقي و خلقي يا جعفر‘ يعني حضرت رسول صلي عليہ وسلم جن فرمايو تہ ”جعفر توهان صورت ۽ سيرت ۾ مون سان مشابهت رکو ٿا. حضرت جعفر عه جي شهادت کان پوءِ نبي ڪريم صلي عليہ وسلم سندن خاندان جي لاءِ ستن ڏينهن تائين حاضري (کاڌو) تيار ڪرائي موڪلي. ڪن روايتن مطابق اهو کاڌو چاليهن ڏينهن تائين جاري رهيو هو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو