جعفر خواجو

جعفر خواجو

جعفر خواجو

جعفر خواجو: مشھور سماجي ۽ سياسي ڪارڪن جعفر ولد رحمت ﷲ خواجو، 1867ع ڌاري جهرڪ ۾ جنم ورتو. هن جهرڪ جي پرائمري اسڪول مـان چئن درجن تائيـن تـعليـم ورتي. سورهن سالن جي ڄمار ۾ پير ميان صـاحـبـڏنـي شـاھہ، شـاھہ عـبدالڪريـم بلڙيءَ واري جي درگاھہ جي سجادہ نشين وٽ وڃي زمين جي سار سنڀال لاءِ ملازم ٿيو، جتي پير صاحب سندس محنت ۽ قابليت ڏسي کيس پنھنجي زمينن جو ’عام مختيار‘ ۽ نگهبان مقرر ڪري ڇڏيو. ڳچ عرصي کانپوءِ جعفر خواجي ميرپوربٺوري ۾ زمين خريد ڪري اتي رهائش اختيار ڪئي. هز هائينس سر آغا خان 1898 ع ڌاري حيدرآباد آيو تہ جعفر خواجي اسلامي حڪمن ۽ شرعي ڳالهين بابت کانئس ڪي سوال ڪيا، جنهن تي آغا خان ۽ سندس فرقي جا ماڻهو هن جا مخالف ٿي پيا. جعفر خواجي مذهبي حوالي سان ڪيترا ڪتاب: قرآن شريف جو سنڌي ترجمو، خلاصته الطاعت، سوانح عمري بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز، چمنستان مناقب، نور ايمان، پاره سورت بني اسرائيل جو لب لباب ڇپرايا. خواجن جون انجمنون قائم ڪرايون، ان تحريڪ جو صدر بہ رهيو. هن خواجہ انجمنن ذريعي خواجن جي مذهبي، سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ لاءِ ڪوششون ڪيون ۽ ڪامورن جي ظلم، رشوت خوري ۽ لاپرواهيءَ خلاف جدوجھد ڪئي. هو 1915ع کان 1947ع تائين ميرپور بٺوري جي سينيٽري ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو ۽ شھر ۾ تمام گهڻا ترقياتي ڪم ڪرايائين. 1922ع ۽ 1933ع وارين ضلعي لوڪل بورڊ جي چونڊن ۾ ٻئي دفعا ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1925ع ۾ سائين جي. ايم. سيد ’ڪراچي زميندار ايسوسيئيشن‘ قائم ڪرائي تہ ان جو جنرل سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيائين. جعفر خواجہ قابل، باهمت، ايماندار، خدمت خلق جو جذبو رکندڙ انقلابي طبيعت وارو انسان هو.
هن 5 جنوري 1959ع تي ميرپور بٺوري ۾ وفات ڪئي .


لفظ جعفر خواجوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1867.00.00  عيسوي

جعفر ولد رحمت الله خواجو ، 1867ع ڌاري جهرڪ ۾ جنم ورتو .


1959.01.05  عيسوي

جعفر خواجي 5 جنوري 1959ع تي ميرپور بٺوري ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پلي درويش
جوڻيجو شاهنواز
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
شيخ جھان امير
مير غلام شاھہ ٽالپر شھيد
پرهياڙ محمد صديق
ڀيم سين جوشي
دودو
سورٺ ٿيٻو
آغا جان محمد خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون