جعفر خان جمالي

جعفر خان جمالي

جعفر خان جمالي

جعفر خان جمالي: مير جعفر خان ولد مير تاج محمد جمالي، 1908ع ڌاري ڳوٺ روجهاڻ جمالي، تعلقي جهٽ پٽ بلوچستان ۾ جنم ورتو. هو نہ صرف هڪ وڏو زميندار، سخي، سماجي ۽ سياسي اڳواڻ هو، بلڪہ تحريڪ پاڪستان جو اهم سپاهي ۽ جمهوريت جي تحريڪ جو رهنما بہ هو. هن ابتدائي تعليم پنھنجي وڏن طـرفـان مـقـرر هـڪ استاد مولوي عبدالوهاب کان حاصل ڪئي. 17 سالن جي عمر ۾ سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو ۽ آزاديءَ جي تحريڪ ۾ شامل ٿيو. هڪ مجاهد جـي حيثيـت ۾ انگريـزن خـطــرو محسوس ڪري کيس نظربند ڪيو، جيل ۾ ڪيتريون تڪليفون برداشت ڪيائين، پر پنھنجي ارادي تي اٽل رهيو. مسلم ليگي اڳواڻ جي حيثيت ۾ قائداعظم محمد علي جناح جو اهم ساٿي رهيو ۽ 1938ع ۾ قائداعظم جي جيڪب آباد جي دوري وقت سندس مثالي استقبال ڪرايائين. 1947ع واري مسلم ڪانفرنس سندس ئي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي نامور رهنمائن شرڪت ڪئي. هن سنڌ ۾ مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي ۽ مخالفن کي شڪست ڏيئي جيڪب آباد مان ايم. اين. اي منتخب ٿيو. سنڌ ۽ بلوچستان جو هي واحد مسلم ليگي اڳواڻ هو، جنهن تي ٻنهي صوبن جي ماڻهن جو ڀرپور اعتماد هو. بلوچستان ۾ تحريڪِ پاڪستان جي حمايت ٻہ اخبارون ڪنديون هيون، (1) ’اسلام‘ (2) ’تنظيم‘. ’تنظيم‘ اخبار جو باني مير تاج محمد جمالي هو، جنهن جو ايڊيٽر نسيم حجازي هو. مير صاحب 1946ع، 1952ع ۽ 1953ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ايم. ايل. اي منتخب ٿيو. ’1958ع واري ايوبي مارشلا دوران جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين. 1964ع واري صدارتي اليڪشن ۾ هن صدر ايوب خلاف واضح طور تحريڪ هلائي، قائداعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ فاطمہ جناح جي حمايت ڪئي.
مير صاحب پاڪستان جمالي تنظيم پڻ قائم ڪئي، جنهن جي نمائندي طور اوستا محمد بلوچستان کان هفتيوار ’جمالستان‘ اخبار جاري ڪيائين، جنهن تي صدر ايوب جي حڪومت بندش وڌي. هن اخبار جو ايڊيٽر محمد عمر قمبراڻي بروهيءَ کي مقرر ڪيائين. جيڪب آباد ۾ 1964ع دوران شھر ۾ لونگ شاھہ جي تڪيي ڀرسان هڪ وڏي پلاٽ تي ويٺل سوين خاندانن کي جڏهن پلاٽ جي مالڪ اوڍن اٿارڻ چاهيو تہ مير جعفر خان جماليءَ جيڪب آباد شھر ڀرسان جمالي واھہ واري پنھنجي سموري زمين کين مفت ۾ ڏئي ڇڏي ۽ اهي بي گهر ماڻهو اتي آباد ٿي ويا. اڄ اهو علائقو جعفر آباد محلي جي نالي سان مشھور آهي. ان کانسواءِ سندس سماجي ۽ سياسي خدمتن کي ڏسندي بلوچستان حڪومت جهٽ پٽ يعني نصيرآباد واري سب ڊويزن کي جعفر آباد ضلعي جو نالو ڏنو. کيس ٻہ فرزند، جن مان هڪ سڪندر حيات جمالي وفاقي حڪومت ۾ جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي پهتو. جڏهن تہ ٻيو مير تاج محمد خان جمالي ايم اين اي چونڊجي مرڪزي وزير ۽ بعد ۾ بلوچستان جو وزير اعليٰ ٿيو، ان کانسواءِ سندس ڀائيٽو مير ظفرالله خان جمالي ايم اين اي، سينيٽر، بلوچستان جو وزيراعليٰ ۽ پاڪستان جو وزير اعظم ٿيو. چاليھہ سال سياست ۾ رهڻ ۽ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ هڪ جيتري عزت ۽ سڃاڻپ رکندڙ هي سياستدان پهرين اپريل 1967ع تي لاڏاڻو ڪيو .


لفظ جعفر خان جماليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1908.00.00  عيسوي

مير جعفر خان ولد مير تاج محمد جمالي ، 1908ع ڌاري ڳوٺ روجھاڻ جمالي ، تعلقي جھٽ پٽ بلوچستان ۾ جنم ورتو .


1967.04.01  عيسوي

مير جعفر پهرين اپريل 1967ع تي لاڏاڻو ڪيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انور پيرزادو
جمن احمداڻي
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
آدم علي يوسف علي علوي
ايوب خان
ابوالبشير ميمڻ
شيخ ثناءُ ﷲ
روشن علي خان ٻوڌراڻي
عدر سلطان ميان
غلام نبي جهلڻ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون