جعفري غلام تقي

جعفري، غلام تقي: غلام تقي ولد نثار علي جعفري، 12 ڊسمبر 1929ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. 1950ع کان سنڌي صحافت ۽ علم ادب جي ميدان ۾ قدم رکيائين. ڪيترا سال ’نئين سنڌ‘، ’الوحيد‘ ۽ ’مهراڻ‘ اخبارن جو نمائندو ۽ ماسٽر نيوز سروس جو چيف رپورٽر ٿي رهيو. 1951ع ۾ لاڙڪاڻي مان ’مرتضيٰ‘ اخبار جاري ڪيائين. جعفري صاحب 1960ع کان 1965ع تائين غير ملڪي ماڻهن کي سنڌي ۽ اردو سيکارڻ لاءِ ٽيوٽر بہ ٿي رهيو. ’انسان ۽ ڪائنات قرآن ڪريم جي روشني ۾‘ نالي ڪتاب بہ لکيائين. سندس شمار لاڙڪاڻي جي بزرگ صحافين ۾ ٿئي ٿو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.12.12  عيسوي

غلام تقي ولد نثار علي جعفري ، 12 ڊسمبر 1929ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غلام مرتضيٰ شاھہ
سيد محمد شاھہ سعيد ٽکڙائي
ڀواني شنڪر
صالح بن عبدالرحمــٰن
سڪندر سومرو
ڪوشليا
جنجهي يارمحمد ڊاڪٽر
ڊيلز جارج فرينڪلن
پيرزادو عبدالمجيب
شاھہ بلاول نوراني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون