جعفري: جعفري، حضرت علي عليہ السّلام جي وڏي ڀاءُ جعفر طيار جي اولاد ۽ هاشمي قبيلي مان آهن. هيءَ روايت بہ موجود آهي تہ جعفري فرقو حضرت علي عليہ السلام جي تڙ پوٽي حضرت امام جعفر صادق عليہ السلام جي اولاد مان آهي. امام جعفر صادق عليہ السلام جي فقھ کي اهل تشيعت مڃيندا آهن. جنهنڪري ان کي ’فقھ جعفريه‘ سڏيو وڃي ٿو. سنڌ جي آخري ٽالپر حڪمران مير محمد نصير خان ٽالپر جو تخلص بہ ’جعفري‘ هو .