جروار، نذير احمد، ڊاڪٽر: اديب ۽ شاعر، ڊاڪٽر نذير احمد ولد عبدالله عرف جمعو خان جروار جو اصل نالو غلام نبي هو. پرائمري تعليم پنھنجي تر جي اسڪول مان، فارسي تعليم نامياري عالم مولانا عزيز ﷲ جروار کان ۽ عربي تعليم مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ کان حاصل ڪيائين. تعليم کان فارغ ٿي ڪجهہ وقت لاءِ ميونسپل اسڪول ٽنڊي الهيار ۾ استاد طور ڪم ڪيائين، ان دوران حيدرآباد مان طبي تعليم بہ حاصل ڪندو رهيو. 1965ع ۾ ٽنڊي الهيار کي ڇڏي، پنھنجي اباڻي ڳوٺ گل محمد جروار ۾ وڃي ڪلينڪ کوليائين، جتان وري 1971ع ۾ شھدادڪوٽ ويو، جتي زندگيءَ جي آخري ساهن تائين ڪلينڪ هلائيندو رهيو. شھدادڪوٽ ۾ ئي ڳلي جي ڪينسر جي ڪري 23 مئي 1994ع تي وفات ڪيائين. ڊاڪٽر نذير احمد جروار کي عربي مدرسن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران ئي شعر ۽ شاعريءَ سان دلچسپي ٿي. مولانا ﷲ حبيب شهدادڪوٽي'>حبيب ﷲ حبيب شهدادڪوٽي، مولانا محمد يوسف شهدادڪوٽي ۽ مرحوم نظام الدين گوپانگ جي صحبت سندس دلچسپيءَ ۾ غير معمولي اضافو آندو، نتيجي طور هو بھترين شاعر ثابت ٿيو، پر کيس علم عروض جي بہ وڏي ڄاڻ هئي. هن ان عنوان تي ’ميزان‘ نالي هڪ ڪتاب لکيو هو، جيڪو سندس وفات کان پوءِ شايع ٿيو آهي. هن ’تاريخ شھدادڪوٽ‘، ’بلوچ قبائل ڪا تاريخي پس منظر‘ ۽ ’بلوچستان تاريخ ڪي آئيني مين‘ نالي ڪتاب بہ لکيل، جيڪي قلمي صورت ۾ وٽس موجود هئا .