جروار خطائي

جروار خطائي

جروار خطائي

جروار خطائي (جڙي ٻوٽي ):هڪ ٻوٽيءَ جو نالو. هن ٻوٽي جي اوچائي هڪ ميٽر تائين هوندي آهي. هي سڌي ٿڙ وارو ٻوٽو آهي. هن جا پن گول پنجن کان پندرهن سينٽي ميٽر ڊگها ٿيندا آهن. ان جا گل مختصر ٿين، جيڪي 2.5 کان 3.8 سينٽي ميٽر ڊگها هوندا آهن. هن جي پاڙ جو مٿان کان رنگ ڀورو يا هلڪو سائو هوندو آهي. هن کي عربيءَ ۾ ’انتله‘، فارسيءَ ۾ ’ماه پروين‘، هنديءَ ۾ ’نرسي‘، اردوءَ ۾ ’جروار‘، گجراتيءَ ۾ ’نروشي‘، سنسڪرت ۾ ’نروشا‘ ۽ لاطينيءَ ۾ 'Delphnium Danudatim’ چيو وڃي ٿو. هن جو مزاج گرم ۽ خشڪ آهي، حڪيمن چواڻي تہ هيءَ ٻوٽي دل ۽ دماغ کي طاقت ڏئي ٿي، پٿري ڳاري ٿي. حڪيمن موجب زهر خلاف مفيد هجڻ ڪري اڪثر زهريلي بيمارين فوڊ پوائزنگ ۽ پليگ ۾ هن ٻوٽيءَ جو استعمال ٿيندو آهي، هن کي ماکيءَ ۾ ملائي اڌرنگ، مرگهي، کيراڻ، نزلي زڪام لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو