جدائي ٿي جهوري (هڪ گيت): هيءُ سنڌ جي ٿرپارڪر جو مشھور لوڪ گيت آهي هن گيت ۾ ڏکويل ڀيڻ جا پنھنجي بيگناھہ ڀاءُ جي مارجڻ تي درد جا آلاپ رقم ٿيل هوندا آهن. هن لوڪ گيت لاءِ روايتون آهن تہ تعلقي ڇاڇري جي هڪ ڳوٺ ۾ منگهي درس نالي هڪ نوجوان رهندو هو، جيڪو پنھنجي وڏي ڀيڻ ۽ اڪيلي ڀاءُ جو سهارو هو. ان کي پنھنجي ئي ڳوٺ جي هڪ ڇوڪريءَ سان محبت هئي. ان محبت جي کڙڪ پوڻ تي منگهي جي محبوبہ کي مائٽن پرڻائي ڇڏيو. ان بعد منگهي تہ پرائي لڄ ڄاڻي پنھنجي دل تان خيال لاهي ڇڏيو پر ڇوڪريءَ جي مڙس کي منگهي لاءِ دل ۾ شڪ موجود هو. جنهن پنھنجي دوستن سان ملي منگهي کي قتل ڪري ڇڏيو. چون ٿا تہ ڀاءُ جي وفات بعد سندس ڀيڻ آلاپ ڏنا ۽ آخر تائين غم ۾ رهي. اهڙيءَ ريت اهي ٻول عوام جي زبان تي ٻرڻ لڳا ۽ ساڳئي مضمون هيٺ ڪن مصرعن جي واڌاري سان هيءُ گيت مشھور لوڪ گيت بڻجي پيو:
منگها تنھنجي محبت، ساريو سڙان ڙي
ان وراڻي کان علاوہ هن لوڪ گيت جون ٻيون وراڻيون مشھور ٿيون. جھڙوڪ:
ڇوريءَ کي ڇوري ڪري ڇڏي وئين ڙي
منگها تنھنجي جدائي ٿي جهوري ڙي
اسر جي ويل تون اڳئين جون ماريين ڙي
منگها تنھنجي محبت ٿي ماري ڙي...