جبار ’تاثير‘ سومرو

جبار ’تاثير‘ سومرو

جبار تاثير سومرو

جبار ’تاثير‘ سومرو: ناميارو شاعر جبار ’تاثير‘ ولد محمد ادريس سومرو، 15 جون 1953ع تي نصير آباد ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنھنجي شھر مان ورتائين. گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميهڙ مان مئٽرڪ ڪري، دادوءَ جي گورنمنٽ ڊگري ڪاليج مان انٽر، بي. اي ۽ ايم. اي (اسلامڪ ڪلچر) جا امتحان پاس ڪيا. ان بعد گورنمنٽ ڪاليج لاڙڪاڻي مان ايل. ايل. بي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي. ايڊ جي ڊگري ورتائين.
’ماسٽر آف ڊرائنگ‘ جو ڪورس پاس ڪري 1971ع ڌاري گورنمنٽ هاءِ اسڪول جوهيءَ ۾ ڊرائنگ ٽيچر مقرر ٿيو. عملي زندگيءَ ۾ هن مختلف شهرن ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون ۽ 2013ع ۾ سينيئر ڊرائنگ ماسٽر جي حيثيت سان رٽائر ٿيو.
جبار ’تاثير‘ شاعريءَ جو آغاز ننڍپڻ کان پنھنجي مامي ۽ نامياري شاعر اسحاق راهيءَ جي رهنمائيءَ ۾ ڪيو. نشتر ناٿن شاهي، خان مدهوش'>احمد خان مدهوش، م. ن محزن ۽ ٻين شاعرن جي صحبت ۾ رهيو. سندس شاعري ۽ نثري تخليقون سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ’آس جا ڏيئا‘ ڪنول پبليڪيشن قنبر 2013ع ۾ شايع ڪيو آهي. هن نصير آباد شھر ۾ ’اسحاق راهي ادبي فورم‘ بہ قائم ڪيو آهي، جنهن جو صدر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.06.15  عيسوي

ناميارو شاعر جبار ’تاثير‘ ولد محمد ادريس سومرو، 15 جون 1953ع تي نصير آباد ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علي گل سانگي
حسن درس
علي ناصر ڌاريجو
ريحان اعظمي
محبوب سروري
مير عبدالرسول مير ٽالپر
ميرغلام ﷲ خان ٽالپر شاهواڻي
قاضي قادن قاضي قاضن
تلسيداس
اصغر نديم سيد
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون