جاگيراڻي اعتبار علي

جاگيراڻي اعتبار علي: ڪامريڊ اعتبار علي جاگيراڻي پهرين اپريل 1926ع تي تعلقي رتيديري جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڇُٽي جاگيراڻيءَ لڳ جمعي اگهم ۾ پيدا ٿيو. سندس والد مولوي دولت خان جاگيراڻي پنھنجي ڳوٺ جي مسجد جو پيش امام ۽ خطيب هو. گذر سفر لاءِ ڳوٺ ۾ ننڍڙو هٽ هلائيندو هو. اعتبار خان جاگيراڻي شروعاتي تعليم جمعي اگهم ۽ تعلقي ميري خان جي هڪ ڳوٺ حيدر چانڊيي جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم لاءِ رتيديري شھر جي اي. وي اسڪول ۾ داخل ٿيو، پر غربت سبب ۽ رتيديري شھر ۾ رهائش نہ هئڻ ڪر، وڌيڪ تعليم حاصل نہ ڪري سگهيو. 1943ع ۾ علامہ عنايت ﷲ مشرقيءَ جي پارٽي خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو. ساڻس گڏ لاڙڪاڻي جو مشھور وڪيل ۽ اڳوڻو سفير عبدالرزاق سومرو بہ خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو. 30 جولاءِ 1946ع تي علامہ عنايت ﷲ مشرقيءَ جي چوڻ تي 3 لک خاڪسار گهنٽا گهر چاندني چوڪ دهليءَ ۾ گڏ ٿيا. انگريز حڪومت ان جلسي تي پابندي مڙهي هئي. پوليس ڪارروائيءَ ۾ ٻين خاڪسارن سان گڏ ڪامريڊ اعتبار علي جاگيراڻي بہ گرفتار ٿيو. ساڻس گڏ سنڌ جو مشھور اديب ۽ قديم آثارن جو ماهر تاج صحرائي بہ گرفتار ٿيو هو. پاڪستان ٺھڻ وقت ڪامريڊ اعتبار علي جاگيراڻي دهليءَ جي قيد خاني ۾ بند هو. سندس قربانيءَ عيوض علامہ عنايت ﷲ مشرقي کيس ’جانباز‘ جو لقب ڏنو. 7 جنوري 1949ع تي ٻہ سال قيد ڀوڳي، پنھنجي وطن پهتو ۽ اچي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي هاري ڪميٽيءَ ۾ شامل ٿيو. 1952ع ۾ رتيديري مان ’هاري‘ اخبار جاري ڪيائين، جنهن جو مئنيجنگ ايڊيٽر هو ۽ ايڊيٽر ناميارو شاعر ۽ نقاد ذوالفقار راشدي هو. ڪامريڊ اعتبار علي جاگيراڻيءَ 1970ع ۾ پ پ ۾ شامل ٿيو. 28 جون 2002ع تي دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪيائين.



هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1926.04.01  عيسوي

جاگيراڻي اعتبار علي: ڪامريڊ اعتبار علي جاگيراڻي پهرين اپريل 1926ع تي تعلقي رتيديري جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڇُٽي جاگيراڻيءَ لڳ جمعي اگهم ۾ پيدا ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مائي ڀاڳي
ج ع منگهاڻي
مڪيش بارٿاڻي
سيد غوث علي شاھہ
انيلا سندر
رستم ۽ سهراب1
قادو مڪراني
اين ايم عقيلي
پرويز مشرف
سرائي محمد علي خاصخيلي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون