جاکي بندر

جاکي بندر: جاکي بندر جا آثار ضلعي ٺٽي جي تعلقي ميرپور ساڪري ۾ سنڌو درياھہ جي هڪ قديم شاخ پٽياڻي جي اڀرندي ڪناري تي، ٻهارن جي شھر کان اٽڪل 5/6 ميل کن اولھہ طرف ۽ بگهياڙ ڦاٽ جي قديم پيٽ جي اولھہ طرف موجود آهن. ڌاراجا ۽ راڻيءَ جي ڪوٽ جا آثار پڻ جاکي بندر جي ڀر پاسي ۾ آهن. جاکي بندر ۽ ڌاراجا ٻئي مقامي نالا آهن، جن جو آڳاٽي تاريخ ۾ ڪو بہ ذڪر ڪونهي. جاکي بندر ڏکڻ طرف ۽ ڌاراجا اُتر طرف آهي، پر گهڻو ڪري هڪ ساڳيءَ قديم وستيءَ جا ڦٽل نشان هتي موجود آهن ۽ يقيناً اهي آثار مشھور تاريخي بندر ’لاهري‘ جا آهن. ڪئپٽن پوسٽنس 1843ع کان 1845ع واري عرصي دوران لکيو آهي تہ: ”ڌاراجا اڳي ٺٽي جي واپار جو مکيہ بندر ۽ هڪ مشھور شھر هو. مگر درياھہ جي ڦير گهير سبب هن بندر جي اهميت گهٽجي وئي. هن وقت ڌاراجا يا لاهري بندر جي بدران ڪراچيءَ کي ئي بندر طور استعمال ڪيو وڃي ٿو.

جاکي بندر واري ايراضيءَ ۾ هڪ ڊٺل ڪوٽ جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جيڪو اٽڪل 2500 چورس والن تي پکڙيل آهي. کوٽائي ڪرڻ سان هتان ڪاشيءَ جون سرون ۽ ٽامي جا سڪا مليا آهن، جن تي ’محمد شاھہ‘ جو نالو اُڪريل آهي. جاکي بندر تي پکڙيل ٺڪراٺو هڪ شاهوڪار شھر جو ئي معلوم ٿئي ٿو. هيءُ ماڳ هڪ صديءَ ۾ سامونڊي کارين ۾ ايترو تہ ريٽجي ويو آهي، جو ايندڙ پنجاھہ سالن اندر جاکي بندر جا باقي آثار بہ دفن ٿي ويندا. فقط مرڪزي قلعو رهجي ويندو. هن شھر جي ٺڪراٺي ۾ چينيءَ جي ٿانون جي ڀڳل ٽڪرن تي چيني ٻوليءَ جا اکر لکيل آهن. اهي ٿانوَ اڇي فرش تي گلن ۽ چٽن وارا آهن. باقي ٺڪراٺـي ۾ ڪاشي جام ملي آهي. هتي شيشو، جنڊيءَ جا ٽڪر، چوڙيون، سونا زيور ۽ ننڍڙا سڪا بہ ملن ٿا. هتان ٺڪر جي مورتي بہ لڌي وئي آهي. ٻاهران ڪوٽ آيل آهي، جيڪو سالم حالت ۾ آهي. ڪوٽ جي اندر ۽ ٻاهر گهرن جي اڏاوت موجود آهي. قبرستان ۽ کوھہ بہ ملن ٿا. اڏاوتون پڪين سرن جون آهن. البته انهن جا بنياد ريتيءَ ۽ چن واري پٿر تي رکيل آهن. جاکي بندر جي اتر ۾ کُڏي کاري آهي، ڏکڻ ۾ پئٽياڻي کاري، کُڏي کاريءَ جي هاڻوڪي اونهائي 60 کان سؤ فوٽ آهي، جڏهن تہ پئٽياڻي ان کان بہ اونهي آهي. ان ماڳ کي ’قبي‘ بہ چون ٿا. اهو ان ڪري تہ جاکي بندر آڏو کڏي ڪريڪ ۾ هڪ قديم مسجد يا قبي جا نشان آهن. قلعي جو دروازو 15 فوٽ ويڪرو آهي. قلعي کي ٻارنهن برج آهن، ٻاهرئين پاسي کان ديوار جي هاڻوڪي اوچائي 10/12 فوٽ آهي. برجن جي بيهڪ ڪنڊائتي بيضوي نموني جي آهي. سڀني برجن جي ماپ ۾ فرق آهي. پر سراسري طور انهن جي ماپ 15X20 فوٽ چئي سگهجي ٿي. ديوارن جي ڪل ڊيگهہ ويڪر هم چورس 105 وال آهي. جڏهن تہ ديوار جي ٿولھہ پنج فوٽ آهي. جاکي بندر کي غلط العام طور ’جانکي بندر‘ بہ سڏيو ويندو آهي.





لفظ جاکي بندرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو