جانڊھہ

جانڊھہ: اٽي پيهڻ جو وڏو جنڊ، جنهن کي هٿ سان هلائي نہ سگهبو آهي، ان ۾ گڏھہ ٻڌندا آهن. گڏھہ کي جانڊھہ جي مٿئين پُڙ سان ٻڌي، ان جي اکين تي اکياڙي ٻڌي ڇڏيندا آهن ان بعد گڏھہ پاڻهي يا هلڪي چوڪ ڏيڻ سان ڦرندو رهندو آهي ۽ جانڊھہ ۾ اٽو پيسبو رهندو آهي. اڳئين دور ۾ غالباً پٿر تي اٽو پيهڻ جو رواج هو. پوءِ وري اکريءَ ۾ اٽو پيهبو هو. ان بعد جنڊُ ايجاد ٿيو. ننڍو جنڊ عورتون هٿ سان استعمال ڪنديون هيون، جڏهن تہ وڏو جنڊ جنهن کي ’جانڊھہ‘ يا جانڊاھہ چوندا آهن، ان ۾ غلام يا قيدي کي ٻَڌي، اٽو پيسرايو ويندو هو. سنڌ جي جيلن ۾ قيدي جانڊھہ ۾ اٽو پيهندا آهن


لفظ جانڊھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


چڪي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جانڊھہ
چڪي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون