جانوري مصري خان

جانوري مصري خان: مصري خان جانوري، ميان نور محمد خان ڪلهوڙي جي وفادار خدمتگارن مان هو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين ڪلهوڙن جي درٻار سان وابستہ رهيو. جڏهن ميان سرفراز خان ڪلهوڙي مير بھرام خان ٽالپر کي قتل ڪرائڻ جو پڪو ارادو ڪيو، تڏهن ٻئي ڏينهن جڏهن مير بھرام خان ٽالپر اڪيلي سر گهران نڪري اڃا اڳتي مس وڌيو تہ اتي مصري خان جانوري کيس مليو ۽ مير صاحب کي سلام ڪري عرض ڪيائين تہ مير صاحب اڄ درٻار ۾ نہ وڃو، ڇو جو ميان سرفراز خان اڄ توهان کي قتل ڪرڻ جو پورو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي. مير بھرام جواب ڏنو تہ آءٌ بيگناھہ آهيان، جي مون کي شھيد ڪرائيندو تہ سندس ئي نقصان ٿيندو. مصري خان جانوري درٻار ۾ انهيءَ ڏينهن نہ ويو، متان هن غلط ڪم ۾ هو بہ شامل ٿئي. بهرحال مير بھرام خان ٽالپر کي ميان سرفراز خان جي اشاري تي حسين مرڙاڻي لڪي تلوار سان شھيد ڪيو، ان کان پوءِ اتي مير بھرام خان جي پٽ مير صوبدار خان کي پڻ شھيد ڪيو ويو. انهيءَ واقعي (1189ھہ/1775ع) کان پوءِ ڪلهوڙن جو زوال شروع ٿيو ۽ جلد ئي ٽالپرن جو دؤر شروع ٿيو، پر مصري خان جانوري آخر تائين ڪلهوڙن سان وفاداري ڪئي ۽ مير فتح علي خان ٽالپر جي دؤر ۾ گذاري ويو.



هن صفحي کي شيئر ڪريو