جانجهه ساز جو هڪ قسم

جانجهه ساز جو هڪ قسم

جانجهہ

جانجهہ: هيءُ ساز جو هڪ قسم آهي، جيڪي گهڻي ڀاڱي پتل يا ڪَنجهي جي مخروطي وٽين يا ڪَٽورين تي مشتمل ٿينديون آهن. (ڏسو: ٽليون، جلد ٻيو)، جيڪي مندرن ۾ ستسنگ يا ڀڳتيءَ جي موقعي تي وڄايون وينديون آهن. هي ٽَليون جئين تہ گول وَٽين وانگر هونديون آهن، ان ڪري انهن ۾ ننڍڙيون لارون وِڌيون وينديون آهن ۽ اُهي ڌاڳن سان ملائي وَڄايون وينديون آهن. جانجهہ وَڄائڻ لاءِ ٽَلين جون ٻہ جوڙيون ڪم آنديون وينديون آهن. مُک ڀڳت يا راڳي تنبوري ۽ باجي تي ڳائيندو آهي ۽ ٽوليءَ ۾ موجود ٻيا ڀڳت يا راڳي جانجهہ ۽ کڙتالون وڄائي ڀڳتي ڪندا آهن. ٿر ۾ جانجهہ جي وَٽين کي’ڪانسيا‘ بہ چئبو آهي. خاص ڪري ڀوپا ماڻهن جي جِن ڪڍڻ واري هڪ وهمي عمل/ عقيدتي عمل دوران چار پنج ڄَڻا گڏجي جانجهہ ۽ دهل وڄائيندا آهن. ٿر جا لوڪ فنڪار ۽ ڀڳت عام گيتن، ڪلامن ۽ ڀڄنن دوران جانجهہ/ ٽَليون وڄائيندا آهن. موهن ڀڳت کان وٺي ڀُڳڙي ڀڳت تائين سمورن ڀڳتن جي راڳداريءَ ۾ جانجهہ يا ٽَلين کي وڏو عمل دخل رهيو آهي.





لفظ جانجهہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو