جامي مولانا عبدالرحمان

جامي مولانا عبدالرحمان

جامي مولانا عبدالرحمان

جامي مولانا عبدالرحمان: مولانا عبدالرحمان ’جامي‘ دين جو تمام وڏو عالم، صوفي ۽ فارسيءَ جو اعليٰ پايي جو شاعر هو. سندس اصل نالو نورالدين عبدالرحمان ۽ ’جامي‘ سندس تخلص هو. هن جي والد بزرگوار جو نالو نظام الدين احمد دشتي هو. 23 شعبان 817 ھہ/ 7 نومبر 1414ع ۾ خراسان جي ضلعي ’جام‘ جي ڳوٺ ’خرجرد‘ ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان پهريان ’دشت‘ ۾ رهندو هو (اهو ئي سبب آهي تہ مولانا جامي پهريان دشتي تخلص استعمال ڪندو هو) بعد ۾ سندس والد ’دشت‘ ڇڏي جام واري علائقي ۾ رهيو، ان ڪري ’جامي‘ تخلص اختيار ڪيائين. ننڍپڻ ۾ پنھنجي والد سان گڏ هرات ۽ سمرقند ويو، جيڪي اسلامي علمن جا تمام وڏا مرڪز هئا، جتان هن اسلامي علم، تاريخ ۽ ادب جي تعليم حاصل ڪئي ۽ ان ۾ ڪمال حاصل ڪيو. بعد ۾ بزرگ سعد الدين محمد ڪاشغريءَ جو مريد بڻيو، جيڪو نقشبندي سلسلي جي بانيءَ بھاءُ الدين نقشبنديءَ جو مريد ۽ خليفو هو. مرشد جي لاڏاڻي کان پوءِ خلافت جي مسند تي ويٺو. 877ھہ مطابق 1472ع ۾ بيت ﷲ جو حج ڪيائين. واپسيءَ ۾ همدان، ڪردستان ۽ بغداد، ڪربلا، نجف، دمشق، صلب ۽ تبريز جي علائقن کان ٿيندو پنھنجي وطن پهتو. باقي زندگي هرات ۾ گذاريائين. جيتوڻيڪ هو تمام بلند پايي جو شاعر هو، پر سموري زندگي ڪنهن درٻار جو رخ نہ ڪيائين، ۽ نہ ئي ڪنهن بادشاھہ جي خوشامد ڪيائين. سندس زماني جا بادشاھہ سندس گهڻي عزت ڪندا هئا. مغل شهنشاھہ ظھيرالدين بابر سندس متعلق چيو هو. ”عقلي علمن ۾ هن جو ڪو بہ برابري ڪندڙ نہ هو“.

نائين صدي هجريءَ ۾ جڏهن سندس شھرت ترڪيءَ ۾ پهتي تہ اتان جي بادشاھہ هن کي استنبول اچڻ جي دعوت ڏياري. بايزيد (ٻئي) ٻہ ڀيرا پيغام موڪليا هئس. هن بابت دولت شاھہ جو چوڻ هو تہ جامي آخري عمر ۾ هوش ۽ حواس وڃائي ويٺو هو پر علي شير نوائي انهيءَ ڳالھہ جي ترديد ڪئي آهي، جيڪو آخري عمر تائين مولانا جاميءَ سان گڏ هو.

مولانا جاميءَ جون ڪيتريون تصنيفون آهن، جن جي پڙهڻ سان خبر پوي ٿي تہ هو ڪيترن ئي علمن تي عبور رکندو هو. سندس تصنيفون اڪثر نثر ۾ آهن، پر اها عجيب ڳالھہ آهي تہ کيس شھرت شاعريءَ جي بنياد تي ملي. نظم ۾ سندس تخليقون ست مثنويون آهن، جيڪي ’مثنوي هفت اورنگ‘ جي نالي سان مشھور آهن. ان کان سواءِ غزلن ۾ سندس ٽي مجموعا آهن:

(1) فاتحته الشباب (884ھہ/1479ع)، (2) واسطة العقد (894ھہ/ 1488ع)،

(3) خاتمة الحيات (895 ھہ/ 1489ع) جي نالن سان ڇپيل آهن. مثنوين ۾ جيڪي ’هفت اورنگ‘ جي نالي سان مشھور آهن، تن ۾: (1) مثنوي سلسلة الذهب (873 ھہ/1468ع)، (2) مثنوي سلامان وابسال (885ھہ/1480ع)، (3) مثنوي تحفة الاحرار (886 ھہ/1481ع)، (4) مثنوي سبحة الابرار (887 ھہ/1482ع)، (5) مثنوي يوسف زليخا (888ھہ/ 1483ع)، (6) مثنوي ليلا مجنون (889ھہ/ 1484ع)، (7) مثنوي خردنامه سڪندي (890 ھہ/1485ع) شامل آهن. نثر ۾ سندس تصنيفون: (1) تفسير، (2) شرح فصوص الحڪم، (3) رسالا في الوجود،

(4) رسالا لا اِلــٰه الاالله، 5- شواهد النبوة، (6) اشعة اللمعات، (7) شرح رباعيات، (8) رساله تحقيق مذهب صوفي و متڪلم و حڪيم، (9) رساله مناسڪ حج، (10) مناقب، (11) نفحات الانس، خواجا عبدالله انصاري وغيرہ مشھور آهن.





هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1414.11.07  عيسوي

جامي مولانا عبدالرحمان: مولانا عبدالرحمان ’ جامي ‘ دين جو تمام وڏو عالم ، صوفي ۽ فارسيءَ جو اعليٰ پايي جو شاعر هو . سندس اصل نالو نورالدين عبدالرحمان ۽ ’ جامي ‘ سندس تخلص هو. 23 شعبان 817 هه/ 7 نومبر 1414ع ۾ خراسان جي ضلعي ’ جام ‘ جي ڳوٺ ’ خرجرد ‘ ۾ پيدا ٿيو .


0817.08.23  هجري

جامي مولانا عبدالرحمان: مولانا عبدالرحمان ’ جامي ‘ دين جو تمام وڏو عالم ، صوفي ۽ فارسيءَ جو اعليٰ پايي جو شاعر هو . سندس اصل نالو نورالدين عبدالرحمان ۽ ’ جامي ‘ سندس تخلص هو. 23 شعبان 817 هه/ 7 نومبر 1414ع ۾ خراسان جي ضلعي ’ جام ‘ جي ڳوٺ ’ خرجرد ‘ ۾ پيدا ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٿامس هينري ونس
خانبهادر غلام محمد خان وساڻ
خير محمد خان استاد
ذاڪر حسين ڊاڪٽر
بقائي ڊاڪٽر فريدالدين
احمد متقي
پريانڪا چوپڙا
ڀرپور شاھہ
شاهدہ ملڪ
خروشچيف
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون