جالور (Jalor): آڳاٽي سنڌو ماٿريءَ سان لاڳاپيل هندستاني رياست راجسٿان جو هڪ ضلعو جالور آهي، هن ضلعي جي 2001ع ۾ڳوٺاڻي آدمشماري 219381 ۽ شھري آبادي 44830 هئي، جنهن ۾ مرد 53 سيڪڙو ۽ عورتون 47 سيڪڙو هيون. جالور جي سراسري خواندگيءَ جي شرح 60 سيڪڙو هئي. قومي سطح تي سراسري خواندگيءَ جي شرح 59.5 سيڪڙو هئي مردن ۾ خواندگيءَ جي شرح 72 سيڪڙو ۽ عورتن ۾ خواندگي جي شرح 46 ۽ ڇھن سالن وارن ٻارن ۾ خواندگيءَ جي شرح 16 سيڪڙو هئي. جالور ضلعو راجسٿان جو ڪاروباري لحاظ کان مکيہ مرڪز آهي. جاگرافيائي لحاظ کان جالور سُڪري ندي (Sukri River) ۽ لوڻي نديءَ (Luni River) کان 140 ڪلو ميٽر ڏکڻ ۾ آهي. جالور جا خاص جهنگ مارواڙ (Marwar) جي ڏکڻ ۾ آهن. جيڪي اتر ۾ سوئانا (Siwana) جي حدن تائين پکڙيل آهن. شھر کي ٻاهرئين ڪوٽ کان چار دروازا آهن، هتي جين ڌرم جا آڳاٽا مندر ۽ آثار موجود آهن. هتي ڪيترا کوھہ آهن، جيڪي صاف ۽ مناسب پاڻيءَ جو ذريعو آهن. جالور شھر جي اتر ۾ هڪ ننڍي ڍنڍ آهي، جيڪا پهاڙين مان ايندڙ نئين جي پاڻيءَ سان ڀربي آهي. ان ڍنڍ جو پاڻي اڌ سال لاءِ مقامي ماڻهو واپرائيندا آهن. جالور کي اڳئين زماني ۾ ڪنهن درويش جي نالي جبليپور (Jabalipura) سان سڃاتو ويندو هو. جالور کي سورارنگريءَ يا سونگير (Savarngiri or Songir) ۽ سنهري جبل (Golden Mount) جي نالن سان بہ سڃاتو ويندو هو. اٺين صديءَ ۾ جالور تيزيءَ سان ترقي ڪرڻ شروع ڪئي. ڏهين صديءَ ۾ هن شھر جو حاڪم پرمارس (Paramaras) هو. 1182ع ۾ جالور جو ٻيو حاڪم اُڌيسنگهہ بڻيو. جيڪو طاقتور هو. ۽ جنهن جالور جي وڏي ايراضيءَ تي حڪومت ڪئي ۽ نارول ۽ مانڌور جي مسلمانن کي قيد ڪيو. 1228ع ۾ اڌيسنگهہ جي پُٽن، چاچيگا ديرا ۽ سمنلا سنگهہ ڪاميابي ماڻي 1311ع ۾ ڪانهديو سونگار (Kanhadev Songara) جــالــور جو حاڪم بڻيو. جالور تي دهليءَ جي شهنشاھہ علاؤالدين خلجيءَ (Ala-ud-din khilji) حملو ڪيو هو. جنهن ۾ ڪانهند ديو ۽ سندس پٽ مـــارجـــي ويـــا. 1619ع ۾ هتي مسلم حـاڪـم رهـيـا، جـن پـالـڻپور (Palanpur) ۽ گـجـرات (Gujrat) کـي مارواڙ (Marwar) کان 1704ع ۾ جدا ڪري شهنشاهيت جو حصو بنايو. جالور جو قلعو مشھور آهي، جنهن کي توپخانا (Topekhana) چوندا آهن. هيءَ عمارت اُجين بادشاھہ (Ujjanking) ٺهرائي هئي. وڪرم دت (Vkramdity) هڪ سنسڪرت پاٺشالا (Sanskrit Patshala) ٺهرايو هو. جتي ماڻهن کي ڌرمي تعليم ڏني ويندي هئي. مسلم شهنشاھہ علاؤالدين خلجيءَ ان کي ڊهرائي ڇڏيو، ان قلعي ۾ جوڌپور (Jodhpur) جي حاڪم اکيراج سونگر راٺوڙ پنهنجو خزانو محفوظ ڪيو هو.