جارج پنجون

جارج پنجون

جارج-5

جارج-V (George V ):جارج نالي سان هن کان اڳ ۾ چار ٻيا بادشاھہ جارج I، جارج II، جارج III ۽ جارج IV ٿي گذريا آهن. جارج پنجون برطانيا ۽ اتر آئرلينڊ جو بادشاھہ هو. پاڻ هندستان جو شهنشاھہ بہ رهيو. هي 1865ع ۾ ڄائو. هن جو تعلق ونڊسر خاندان سان هو. هو جارج ايڊورڊ ستين جو ٻيو پٽ هو. 1877ع ۾ رائل نيوي ۾ ڀرتي ٿيو ۽ ايڊمرل (امير البحر) جي عهدي تي پهچي ويو. پنھنجي وڏي ڀاءُ البرٽ وڪٽر جي وفات بعد جارج-V، جانشينيءَ ۾ ٻئي نمبر تي اچي ويو. هن پنھنجي ڀاءُ جي مڱيندي شھزادي وڪٽوريا ميريءَ سان شادي ڪئي ۽ 1892ع ۾ يارڪ جو ڊيوڪ بڻيو. 1901ع ۾ جڏهن هن جو پيءُ ملڪہ وڪٽوريا جي جاءِ تي بادشاھہ ٿيو تہ جارج پرنس آف ويلز بڻجي ويو ۽ 1910ع ۾ پيءُ جي موت کان پوءِ تخت نشين ٿيو. جارج ۽ ميريءَ کي ڇھہ ٻار پيدا ٿيا. جارج پنجين جي دؤر جو اهم واقعو پهرين عالمي (1919-1914ع) جنگ هئي. جرمنيءَ خلاف انگلينڊ جي جنگي اعلان کان پوءِ بادشاھہ سمورا جرمن خطاب واپس ڪري ڇڏيا ۽ شاهي گهراڻي جو نالو بدلائي ’هائوس آف ونڊسر‘ رکي ڇڏيو. هن 1936ع ۾ وفات ڪئي، سندس جاءِ ايڊورڊ اٺين ورتي.





هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

00.00.1965  عيسوي

جارج-V ( George V ) : جارج نالي سان هن کان اڳ ۾ چار ٻيا بادشاهه جارج I ، جارج II ، جارج III ۽ جارج IV ٿي گذريا آهن . جارج پنجون برطانيا ۽ اتر آئرلينڊ جو بادشاهه هو . پاڻ هندستان جو شهنشاهه به رهيو . هي 1865ع ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دائودپوٽو عبدالڪريم منشي
جتوئي غلام مصطفيٰ خان
حاجي مولابخش سومرو
جبريل بن بختيشوع
صوفي فقير عبدالله سومرو
چوڌري فضل الاهي
ڄيٺو منگلداس جرگياڻي
روٻڙو خان اُستاد
سيٺ ڌريانو مل
جعفري غلام حسين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون