جاذ
جادَ: وارن جي اها چڳ، جيڪا ڪنهن ’باس‘ سبب رکائي وئي هجي ۽ اصل نہ وڍائجي. هيءَ وارن جي چڳ گهڻو ڪري هندو ۽ موالي فقير رکائيندا آهن. لوندڙيءَ وٽان نڪتل وارن جي چڳ، جيڪا سھڻي عورت جي وصفن ۾ شمار ڪئي ويندي آهي، ان کي بہ جاد چوندا آهن (وڌيڪ ڏسو: جادَو).