جئپور (Jaipur)

جئپور (Jaipur)

جئپور (Jaipur)

جئپور (Jaipur): راجسٿان صوبي جي گاديءَ جو هنڌ ۽ هندستان جو پهريون رٿابندي سان اڏيل شھر جئپور، مهاراجا سوائي جئسنگهہ (ٻئين) 1727ع ڌاري ٻڌايو هو. هي شھر ڪڇي راجپوتن جي بہ گاديءَ جو هنڌ (1744-1699ع) رهيو آهي. سندن اصل گادي امبر ۾ هئي، جيڪو جئپور کان 11 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي. هن شھر جي ٻَڌائڻ جو سبب راجپوتن لاءِ مرهٽن سان جنگيون ڪرڻ هو. مهاراجا هن شھر ٻَڌائڻ کان اڳ ۾ ڪيترن ئي شھري رٿابنديءَ جي ماهرن ۽ ملڪن، شهرن جي ٺهيل نقشن جو غور سان مطالعو ڪيو هو، خاص طور هن شھر جي رٿا وديادر چٽاچاريه نالي وڏي عمارتساز ڪئي. 1727ع ۾ هن شھر جي اڏاوت شروع ٿي ۽ چئن سالن جي مختصر عرصي ۾ هن شھر جو وڏو حصو ٻَڌجي ويو. 1853ع ۾ جڏهن شھزادي ويلز هن شھر جو دورو ڪيو هو تہ هن شھر کي سندس آجيان لاءِ گلابي رنگ سان چِٽيو ويو هو. هتي سياحن جي اچ وڃ تمام گهڻي آهي.
جئپور جون گهٽيون سياحن جي هلچل سان ڀريل نظر اينديون آهن. ڇو تہ هتي قديم آثارن جي تمام گهڻا موجود آهي. سندس خوبصورتيءَ سبب هن شھر کي ’گلابي رنگن جو شھر‘ سڏيو وڃي ٿو. ارڙهين صديءَ ۾ هي شھر ٻَڌو ويو، جڏهن تہ ترت ۽ تڪڙي ترقي سبب هن شھر جي 1900ع ۾ آبادي 160000 تي پهتي. هن شھر ۾ ڪيتريون اسپتالون، ماربل توڙي ڌاتوءَ جون وڏيون صنعتون موجود آهن. هتي پهريون اسڪول 1868ع ۾ کليو. هن شھر ۾ سنسڪرت ڪاليج (1865ع)، گرلس اسڪول (1867ع)، ۽ ٽي ڪاليج ۽ ٻيا ڪيترا اسڪول ۽ ڪاليج بہ مهاراجا سوائي رام سنگهہ ٻئين طرفان کوليا ويا هئا. هتان جي گهڻي آبادي جين، مارواڙي ۽ ڪائسٿن جي آهي. هن وقت سوائي ڀواني سنگهہ بھادر هتان جو مهاراجا آهي.
راجسٿان صوبي جو هي شھر اتر ڊگهائي ڦاڪ تي 26' 92'' ۽ اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي 75' 82'' تي سامونڊي سطح کان لڳ ڀڳ 431 ميٽر اوچو آهي. جئپور ضلعي مان بِناس ۽ بگنگا نالي نديون گذرن ٿيون. هتان جي آبهوا معتدل آهي. سال ۾ مينهن جي شرح 650 ملي ميٽر آهي.
جئپور هنري توڙي جديد صنعتن جو گهر آهي. هتان سون، هيرا ۽ پٿر جا ٺهيل زيوَر ٻاهر دنيا توڙي ايشيائي ملڪن ڏانهن موڪليا وڃن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو