جئسنگاڻي: جئسنگهاڻي ذات جا هندو گهڻي ڀاڱي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ رهن ٿا. اصل راجپوتانا کان آيا هئا. جڏهن 12-1811 ۾ راجپوتانا ۾ سخت ڏڪار پيو هو تہ اهي سنڌ ۾ آيا ۽ ڳوٺ طبيب تعلقي رتيديري کان ڏيڍ ڪوھہ پرڀرو خانواھہ ۾ زمينون خريد ڪري ٻني ٻارو ڪرڻ لڳا. 1850ع ڌاري خانواھہ ۾ ٻوڏ آئي تہ منجهانئن ڪي رتيديري تہ ڪي ڳوٺ طيب ۾ زمينداري ڪرڻ لڳا. ائين جئسنگهاڻين جون ٻہ شاخون ٿيون، هڪ رتيديري وارا جئسنگهاڻي ۽ ٻيا طيب وارا جئسنگهاڻي. هي ميرن جي صاحبيءَ ۾ سنڌ ۾ آيا هئا.