
ثقافت جا مختلف مظهر

ثقافت جا مختلف مظهر
ثقافت: لفظ ’ثقافت‘ جي وصف مختلف عالمن مختلف بيان ڪئي آهي. ثقافت لفظ جي لغوي معنيٰ ”عقل وڌائڻ“ آهي ۽ اصطلاحي معنيٰ ”انسانن جي زندگي گذارڻ جو طريقو“ آهي، جيئن تہ انسان جو تعلق اُنهيءَ زمين سان آهي، جتي هو رهي ٿو، تنهنڪري انهيءَ زمين جي ساخت، آبهوا، نهرون، آبادي، جانور، پکي، پکڻ، جيت جڻيا، وڻ ٽڻ، گاھہ ۽ ٻوٽا، گهر گهاٽ سندس زندگيءَ تي اثرانداز ٿين ٿا. انهيءَ ماحول مطابق ئي هو پنھنجي زندگيءَ کي آسانيءَ سان گذارڻ لاءِ پوشاڪ پائي ٿو، کاڌو کائي ٿو، عقيدا رکي ٿو، ڌنڌا پيشا اختيار ڪري ٿو، رسمون رواج جوڙي ٿو ۽ انهن کي بيان ڪرڻ لاءِ پنھنجي ٻوليءَ ۾ لفظن ۽ اصطلاحن جو اضافو ڪري ٿو. ثقافت جي موضوع هيٺ زندگيءَ جا سڀ شعبا اچن ٿا. جھڙوڪ: مذهب، تهذيب، تمدن، پهرڻ، ٻولي، زراعت، ذهني ترقي، انسانيت جو ظهور، اختيار، آداب، اٿڻي ويهڻي ۽ ريتون رسمون وغيرہ. ان کان سواءِ انسان جو جياپو ۽ ان جا وسيلا، هلت چلت، هنر، رواج ۽ کاڌو پيتو بہ ثقافت جي دائري ۾ داخل آهن. مجموعي طرح ”طرز معاشرت“ کي ئي ثقافت جو نالو ڏنو وڃي ٿو. انگريزيءَ ۾ ثقافت لاءِ ڪلچر (Culture) لفظ استعمال ٿيندو آهي، جنهن اصطلاح جي مفهوم ۾، ذهني ترقي، آداب ۽ اخلاق، تھذيب ۽ تمدن جون خصوصيتون اچيو وڃن ٿيون. ثقافت، ماحول ۽ ضرورت هيٺ جنم وٺندي آهي. انهيءَ لحاظ کان ثقافت هر شخص جي ضرورت آهي ۽ هر شخص ثقافت ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهي ٿو. تهذيب، ثقافت جي هڪ شاخ آهي، جنهن ۾ تحرير جو استعمال، شهرن جو وجود، سياسي ردوبدل ۽ پيشہ وراڻيون خاصيتون شامل آهن. موجودہ دور جي محققن ثقافت جي دائري ۾ مذهب، فلسفي، ڪاريگرين (Skills)، آرٽ (فنون لطيفہ) ۽ معاشرت کي بہ شامل ڪيو آهي، ۽ تھذيب ۾ خاص طور هر طرح جي ٽيڪنيڪي علمن کي بہ شامل ڪيو آهي. ثقافت جي ترقيءَ ۾ تھذيب اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ثقافت، تھذيب يافتہ بہ ٿي سگهي ٿي ۽ غيرتهذيب يافتہ بہ.
مختلف عالمن، ثقافت جون مختلف وصفون بيان ڪيون آهن. نامور سنڌي اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي راءِ موجب ”جغرافيائي حالتن، انساني ارتقا جي تاريخ، زبان ۽ مذهب کان متاثر ٿي، انسانن پنھنجي زندگي گذارڻ لاءِ جيڪي طريقا اختيار ڪيا آهن، اهي سڀ ثقافت جي دائري ۾ اچن ٿا.“ لسانيات جي ماهر پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا جو چوڻ آهي تہ ”هڪ پاسي انسانن جي مادي زندگيءَ لاءِ ضروري شين جھڙوڪ اوزار، هٿيار، لباس ۽ رهائش کي تہ ٻئي پاسي غير مادي يعني روحاني زندگيءَ سان تعلق رکندڙ شين جھڙوڪ مذهب ۽ اخلاق، علم ۽ فن، زبان ۽ ادب، اصول ۽ قانون، معاشرتي رواج ۽ ريتن رسمن کي ثقافت چئبو آهي.“
ڪنهن قوم جي ذهني، فڪري ۽ روحاني منظر نامي کي ثقافت چئبو آهي، جنهن ۾ مذهبي رسمون، تهذيبي قدر، تاريخي روايتون، معاشرتي رواج، مجلس جا آداب، توهم پرستي، روحاني عقيدا، غذائي عادتون، لباس، ٻولي، ادب، رهڻي ڪهڻي، عبادت جا طريقا، ڳائڻ وڄائڻ، ساز سرود، نچڻ ٽپڻ جا انداز، ٻارن جا رانديڪا، عورتن جا زيور، روزمره ۾ استعمال ٿيندڙ ٿانوَ، سيبي ٽوپي جا نمونا، ذهني جسماني تفريح، کيل تماشا، عرس، ميلا، عيدون ۽ مذهبي ڏينهن شامل ٿين ٿا. جديد تحقيق موجب مذهب، تاريخ، جاگرافي، ٻوليءَ ۽ لباس کي ثقافت جي بنيادي عنصرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.
مذهب: مذهب انسان جي ظاهري توڙي باطني احوال جو نقش آهي، جنهن جي اثر جو دائرو تمام وسيع آهي، مذهب انسان کي ڀلائي ۽ برائيءَ جو شعور، حلال ۽ حرام ۾ تميز ۽ اعليٰ اخلاقن جي تعليم ڏئي ٿو، جنهن سان معاشري جي ترقي ۽ ثقافت جي پرورش ٿئي ٿي.
تاريخ: قرآن شريف ۾ تاريخ کي ”شعائر ﷲ“ سان تعبير ڪري، ان کي علم جو سرچشمو قرار ڏنو ويو آهي. تاريخ جي لغوي معنيٰ ”ڪنهن شيءِ جي وجود ۾ اچڻ جو صحيح وقت ٻڌائڻ“ آهي. اصطلاح ۾ زماني جي واقعن، وقت جي تعين ۽ انساني احوال جي بيان کي تاريخ چئبو آهي. تاريخ کي انسان ذات جو اجتماعي حافظو چيو ويندو آهي. تاريخ جا بنيادي موضوع زمانو ۽ انسان آهن، ثقافت غير مذهبي ٿيندي آهي، جيئن ’سنڌي‘ ثقافت مسلمان ۽ هندو سنڌين جو گڏيل ورثو آهي. اهڙي طرح مذهب مان پيدا ٿيل ڪن عنصرن تي مشتمل هوندي آهي. انسان کي جيئن پنھنجي انفرادي توڙي اجتماعي طور ماضيءَ ۽ ان جي ڳالهين سان دلچسپي هوندي آهي، تيئن اجتماعي ماضي ۽ ان جي تاريخ سان بہ دلي وابستگي هوندي آهي. تاريخ زندہ ۽ فعال شيءِ آهي ۽ اها قومن جي ترقيءَ ۽ زوال ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ان ڪري قومون ماضيءَ کان بغير زندہ نہ ٿيون رهي سگهن. هر قوم پنھنجي ماضيءَ مان سگهہ ۽ شعور حاصل ڪري پنھنجي شاندار تاريخي ورثي کي ترقي ڏيڻ چاهيندي آهي. تاريخ اسان کي زماني جي اثرن ۽ انسان ذات جي عملن جي ڄاڻ کان سواءِ ماضيءَ جو بنياد، حال جي خبر گيري ۽ مستقبل جو شعور عطا ڪري ٿي. اهوئي سبب آهي جو هر قوم پنھنجي تاريخي ورثي جي حفاظت ۽ ان جي تسلسل کي قائم رکڻ لاءِ ڪوششون ڪندي آهي.
جاگرافي: مقامي ثقافت جي تشڪيل ۾ جاگرافيائي حالتن جو ڪافي عمل دخل هوندو آهي. انسان جو لباس، غذائي عادتون، رهڻي ڪهڻي ۽ روزمره جي زندگي وغيرہ گهڻو ڪري جاگرافيائي ۽ موسمي تبديلين جو نتيجو آهن. جاگرافيءَ مان مراد زمين جو اهو ٽڪرو يا ديس هوندو آهي، جنهن سان انسان جو آبائي تعلق ٿئي ٿو، جتي ڄمي پلجي جوان ٿئي ٿو، اتي جي آبهوا، مخصوص فضا، خوراڪ، لباس، ۽ سماجي اثر ملي سندس شخصيت جي تشڪيل ڪن ٿا. انسان جتي پيدا ٿئي ٿو، اتي جو قدرتي ماحول، سندس صحت ۽ شخصيت لاءِ انتهائي موافق ۽ مفيد هوندو آهي.
ٻولي: گروھہ گڏجي جتي ٻيون ثقافتي وٿون جوڙين ٿا، اتي هزارها سالن جي واهپي کانپوءِ ٻولي بہ انهي معاشري (جنهن ۾ گروھہ رهن ٿا) جو آئينو هجي ٿي. سندن ريتون، رسمون، مذهبي ويچار، عشق محبت جا داستان، ڏک سک جون وارتائون ۽ وارداتون ٻولي ۾ هجن ٿيون. ٻوليءَ بنا ثقافت جو تصور ڌنڌلو بيهي ٿو. ٻولي ئي آهي جنهنڪري ثقافت جا مادي (Physical) ۽ غير مادي پاسا نظر اچن ٿا.
لباس: روزمره جي زندگيءَ ۾ اسين ڪنهن شخص جو لباس ڏسي اهو اندازو لڳائي سگهون ٿا تہ هو ڪهڙيءَ ذات، قبيلي، قوم ۽ نسل جو ماڻهو آهي ۽ سماج ۾ ڪهڙي حيثيت جو مالڪ ۽ ڪٿي جو رهواسي آهي.
ثقافت جي انهن بنيادي عنصرن کان سواءِ شعر و ادب، فنون لطيفه، سمعي، بصري وسيلن (فلم، ٿئٽر، آرٽ گئلريون وغيرہ)، اخبارون، رسالا، رانديون، موسيقي، کاڌا، ريڊيو، ٽيليويزن، سيٽيٽلائيٽ چئنل، ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي وغيرہ ثقافتي حسن جي پکيڙ ۽ اشاعت ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
ثقافت، شخصيت ۽ سماج هڪ ٻئي جا اٽوٽ حصا آهن. اهي ٽيئي جزا هڪٻئي سان اهڙا تہ ڳنڍيل آهن، جو جدا نٿا ڪري سگهجن. مٿين ٽنهي جُزن کي فقط تجريدي صورت ۾ جدا ڪري، تجزئي خاطر، اڀياس ڪري سگهجي ٿو. ثقافت جي اوسر ۽ واڌاري لاءِ ضروري هوندو آهي تہ مختلف قسمن جا ثقافتي ۽ صنعتي ميڙ، اجتماعي نمائشون ۽ ميلا منعقد ڪيا وڃن، ثقافتي ۽ صنعتي هنرن جي بهتر نموني پرگهور ڪري، انهن جي سرپرستي ڪرڻ گهرجن.