ثعلب مصري

ثعلبُ مصري: هڪ قسم جو پسارڪو وکر. هيءَ هڪڙي مشھور وڻ جي پاڙ آهي. جنهن جا ٻہ قسم آهن، هڪڙو پنجا ثعلب، ٻيو مصري ثعلب. مصري ثعلب طبي لحاظ کان طاقتور ۽ ڪارائتي شيءِ آهي. اهي پاڙون ڪوڏين جي قد جيڏيون سنهيون، سفيد رنگ جون ذائقي ۾ ڦڪيون ٿينديون آهن، جن مان بوءِ ايندي آهي ۽ ليسدار ٿينديون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو