ثريا (اداڪارہ):نامياري اداڪارہ ۽گلوڪاره ثريا جو جنم، 18 جنوري 1929ع تي لاهور ۾ شيخ عبدالعزيز جي گهر ٿيو. هن 13 سالن جي عمر ۾ فلمي ڪيريئر جو آغاز ڪيو. سندس ڀاءُ ظھور احمد، موهن پڪچرز بمبئيءَ ۾ ملازم هو. ثريا والدين جي مخالفت باوجود ڀاءُ ظھور احمد سان گڏجي هندستان هلي وئي، جتي ڪجهہ عرصو ڀاءُ سان گڏ شوٽنگ ڏسڻ لاءِ اسٽوڊيو ويندي هئي. ان دوران کيس فلمن ۾ ڪم جي آڇ ٿي ۽ هن 15 مارچ 1941ع کان فلمي دنيا ۾ قدم رکيو. سندس اصل نالو ثريا جمال هو، پر فلم ۾ اداڪاريءَ کانپوءِ هوءَ ثريا جي نالي سان مشھور ٿي. ثريا جي پهرين فلم ’تاج محل‘ هئي ۽ ٻي فلم وجئه ڀٽ جي ’اسٽيشن ماسٽر‘ هئي، جن ۾ هن بھترين اداڪاري ڏيکاري. ڊي. آر. ڊي پروڊڪشن جي مشھور فلم ’اشارہ‘ ۾ کيس وڏي مقبوليت ملي. ان کانپوءِ هن ڪيترين فلمن ۾ ڪم ڪيو ۽ هيءَ اداڪار ۽ گلوڪار جي حيثيت ۾ مقبول فنڪار بڻجي وئي. 25 سالن تائين ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم ڪيائين. ان دوران سندس ڪافي ڪامياب فلمون رليز ٿيون، جھڙوڪ: سنجوگ، هماري بات، ڦول، تقدير، آڪاش (ديپ)، رنگ محل، عمر خيام، شان، انمول گهڙي، بڙي بهن، داستان، دنيا، پيار ڪي جيت، دل لگي، افسر، راجپوت، صنم، چار دن، ڊاڪ بنگلا، ڪاجل، ناٽڪ، شاعر، کلاڙي، ناچ، موتي محل، دو دل، جگ بيتي، بالم ۽ ديوانه. ثريا هندستان جي ڪيترن مشھور فلمي اداڪارن سان گڏجي ڪم ڪيو. سندس ڳايل گانا اڄ بہ مقبول آهن. کيس ادب سان بہ شوق هو. سندس ڪيتريون ڪهاڻيون اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيون آهن.
1929.01.18 عيسوي
نامياري اداڪاره ۽ گلوڪاره ثريا جو جنم، 18 جنوري 1929ع تي لاهور ۾ شيخ عبدالعزيز جي گهر ٿيو