
ثابت علي شاهه ڪربلائيءَ جو مقبرو
ثابت علي شاھہ ڪربلائي: سنڌ جو مشھور مرثيہ گو شاعر سيد ثابت علي شاھہ پٽ سيد مدار علي شاھہ سن 1153 ھہ (1740ع) ۾ سيوهڻ ۾ پيدا ٿيو. سيد ثابت علي شاھہ جو وڏو ڏاڏو سيد نور محمد شاھہ، مغل نواب اعظم سان گڏ سنڌ ۾ آيو ۽ ٺٽي ۾ اچي رهيو. سن 1128 ھہ/ 1715ع ۾ نواب اعظم جي معزول ٿيڻ کان پوءِ شاھہ صاحب ٺٽي مان لڏي سيوهڻ ۾ سڪونت پذير ٿيو. سيد نور محمد شاھہ جي فرزند سيد مدار علي شاھہ کي ٽي فرزند هئا. سيد ثابت علي شاھہ، سيد احسان علي شاھہ ۽ سيد فضل علي شاھہ. هي سادات حضرت امام موسيٰ ڪاظم عليہ السلام جي اولاد مان سڏيا وڃن ٿا. سيد ثابت علي شاھہ جو پهريون استاد آخوند عبدالرحمان هو، جنهن جي حرمين شريفين وڃڻ کان پوءِ ثابت علي شاھہ مُلي چاڪر کان قرآن پاڪ جي تعليم ۽ آخوند الياس کان فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. شاھہ صاحب فقہ، تفسير ۽ علم عروض کان واقف هو. شاعريءَ ۾ سندس پهريون استاد مخدوم نورالحق مشتاقي هو ۽ آخر ۾ ميان سرفراز خان عباسيءَ سان هم مڪتب ٿي غلام علي مداح جو شاگرد ٿيو. فقہ ۽ تفسير ۾ سندس هم مڪتب قاضي مير لطف ﷲ هو، جيڪو بعد ۾ مشھور عالم ٿيو. ڌشاھہ صاحب، ميان سرفراز خان جو هم مڪتب هو. جڏهن پاڻ سنڌ جو حاڪم ٿيو، تڏهن ثابت علي شاھہ ان جي درٻار سان وابستہ رهيو. سنڌ ۾ جڏهن ڪلهوڙن جي حڪومت ختم ٿي ۽ ٽالپرن جي حڪومت قائم ٿي تہ شاھہ صاحب ٽالپرن جي درٻار سان وابستہ ٿيو. سيد ثابت علي شاھہ، مير فتح علي خان (سن 1209ھہ/ 1794ع) جي دور ۾ ڪربلا معليٰ جي زيارت ڪئي ۽ سن 1219ھہ/ 1804ع ۾ مير غلام علي خان جي دور ۾ مشهد مقدس (ايران) جي زيارت کان مشرف ٿيو. مير غلام علي خان، سيد ثابت علي شاھہ کي سنڌ جي سفير جي حيثيت ۾ شاھہ ايران لاءِ هڪ قرآن مجيد ۽ سنڌ جي ثقافت سان لاڳاپيل ڪجهہ ٻيو سامان تحفي طور ڏياري موڪليو، شاھہ ايران، فتح علي شاھہ قاچار حضرت علي عليہ السلام جا قدم مبارڪ (جيڪي اڄ بہ حيدرآباد ۾ هر خاص و عام جي زيارت لاءِ موجود آهن)، حضرت امام رضا عليہ السلام جو لکيل قرآن مجيد ۽ ٻيو سامان تحفي طور سنڌ جي حاڪم لاءِ موڪليو.مشهد ميوزم ۾ سنڌ جي ٽن بادشاهن مير فتح علي خان ٽالپر، مير نور محمد خان ٽالپر ۽ مير محمد نصير خان ٽالپر طرفان ٽي قرآن مجيد بہ موڪليا ويا هئا. جيڪي ٻين نسخن سان گڏ اڄ بہ اتي رکيل آهن. ڪلهوڙن جي آخري دور ۽ ٽالپرن جي ابتدائي دور ۾ خاص طرح سنڌي شاعريءَ ۾ تبديلي آئي ۽ عروضي شاعريءَ جو چالامان وڌيو، ان ڏس ۾ سيد ثابت علي شاھہ سنڌ جو پهريون شاعر آهي، جنهن سنڌيءَ ۾ باقاعدي مرثيي نگاريءَ جو بنياد وڌو. مرثيہ گوئي ۾ سندس پهريون شاگرد مرزا مراد علي بيگ هو. جنهن موزون شاعريءَ ۾ سنڌي مرثيا، سلام ۽ قصيدا چيا. سيد ثابت علي شاھہ جو سمورو ڪلام فصاحت ۽ بلاغت جي خوبين سان لبريز آهي ۽ هن ادبي نقطئه نگاھہ کان مرثين ۾ نيون جدتون ۽ نوان اسلوب پيدا ڪيا. در حقيقت سنڌيءَ ۾ رزميه شاعريءَ جي ابتدا ثابت علي شاھہ کان ٿي. عربي ۽ فارسيءَ جي آميزش سان گڏ محاورا، تشبيهون ۽ خيال بہ پهرين هن سنڌي مرثيي ۾ روانيءَ سان ادا ڪيا ۽ سنڌي شاعريءَ جو رخ بدلائي ڇڏيو. سيد ثابت علي شاھہ جو ڪليات مرثين، مسدسن، مخمسن، قصيدن، سلامن، مثنوين، مناجاتن، نعتن ۽ منقبتن سان مالامال آهي. سندس سمورو ڪلام سنڌي، اردو ۽ فارسي زبانن ۾ آهي. سنڌ ۾ سڀ کان پهرين سيد ثابت علي شاھہ جو سمورو ڪلام سندس مڪمل سوانح حيات سان گڏ سنڌ جي محقق ۽ اديب ميرزا عباس علي بيگ مرتب ڪيو، جيڪو 1984ع ۾ اسلامڪ اسٽڊي سينٽر ڪراچيءَ طرفان شايع ٿيو. پروفيسر احمد شميم خان ”مطالعه سنڌ ۾ اردو شاعري“ ۾ ڄاڻايو آهي تہ سيد ثابت علي شاھہ، مير انيس ۽ ميرزا دبير جا مرثيا پڙهندو هو ۽ مرثيا پڙهندي کيس شاعريءَ جو شوق پيدا ٿيو ۽ مرثيا چوڻ لڳو. هن مير انيس ۽ ميرزا دبير جي مرثين جا ترجما ڪيا، جيڪا اها تاريخي حوالي سان غلط ڳالھہ آهي. ثابت علي شاھہ جي ولادت سن 1153 ھہ/1740ع ۾ ۽ وفات سن 1225 ھہ/1810ع ۾ ٿي، جڏهن تہ مير انيس جي ولادت 1220ھہ/1805ع ۽ وفات 1291 ھہ/1874ع ۾ ٿي هئي ۽ مرزا دبير جي ولادت 1218 ھہ/1803ع ۾ ۽ وفات 1292 ھہ/1875ع ۾ ٿي. ان مان پتو پوي ٿو تہ مير انيس ثابت علي شاھہ جي وفات وقت 5 سالن جو هو ۽ مرزا دبير اڃا ستن سالن جو مس هو ۽ اها ڳالھہ واضح ٿئي ٿي تہ سنڌ جي شاعر ثابت علي شاھہ اردو مرثيي جي وڏن شاعرن کان اڳ مرثيا لکيا هئا. شاھہ صاحب مرثين ۾ پنهنجو تخلص ”ثابت“ ۽ ”زوار“ ڪم آندو آهي. سيد ثابت علي شاھہ 27 جمادي الثاني سن 1225 ھہ/1810ع ۾ وفات ڪئي، کيس سيوهڻ ۾ دفن ڪيو ويو، جتي سندس عاليشان مزار اڄ بہ موجود آهي. سيد ثابت علي شاھہ جو ڪلام 2008ع ۾”رڻ گجيو راڙو ٿيو“ عنوان سان ڇپيو آهي، جيڪو مرزا نجم الحسن جو ترتيب ڏنل آهي.
1740.00.00 عيسوي
سيد ثابت علي شاهه سن 1153 هه ( 1740ع ) ۾ سيوهڻ ۾ پيدا ٿيو
1810.00.00 عيسوي
سيد ثابت علي شاهه 27 جمادي الثاني سن 1225 هه/1810ع ۾ وفات ڪئي