تھي ٽڪر

تھي ٽڪر: هي ٽڪر سمنڊن ۾ مادي جي تھن جا ٺهيل آهن، جن ۾ مٽي، گپ ۽ بجري وغيرہ هوندي آهي. درياهن جي پاڻيءَ سان گڏ لٽ ۽ ٻيو مادو سمنڊن ۾ پهچندو آهي، جتي ڪيميائي شيون انهن تھن کي پاڻ ۾ گڏي نهري شڪل ۾ آڻين ٿيون. پاڻيءَ ۾ حل ٿيندڙ مادا مثلاً: لوڻ ۽ ڪئلشيم جا مرڪب، تھن ۾ ويهي تهدار ٽڪرن جي شڪل وٺن ٿا. تهدار ٽڪرن ٺاهڻ ۾ آبي جانور بہ مدد ڏين ٿا. مرڻ کان پوءِ جانور ۽ ٻوٽا تري ۾ گڏ ٿيندا رهن ٿا ۽ سندن ئي جسمن جو ڪئلشيم ڪاربونيٽ پنھنجي ئي وزن هيٺ ڄمي وڃي ٿو ۽ تھي ٽڪر ٺھي پوي ٿو .


لفظ تھي ٽڪرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو