تڙ: پني عاقل جي اوڀر طرف اڇڙي ٿر ۾ ڪجهہ تاريخي ۽ اونها کوھہ آهن، جن کي ’تڙ‘ چيو ويندو آهي، اهڙو هڪ کوھہ سنڌ- راجسٿان سرحد تي ’راڄڙ جي تڙ‘ نالي سان مشھور آهي، اهڙا کوھہ اروڙ، صالح پٽ ۽ ميرپور ماٿيلي تعلقن ۾ بہ آهن.
ٿر ۾ بہ کوهن کي تڙ چوندا آهن، ڪيترن ئي ڳوٺن جا نالا بہ کوٽايل تڙن پٺيان رکيا ويا آهن. جيئن: جنجهين جو تڙ، جمعي جو تڙ، مکيءَ جو تڙ، سوٽهڙن جو تڙ، ميگهي جو تڙ ۽ آڏي جو تڙ وغيرہ .