تولارام ڪنعيا لال رهيجا

تولارام ڪنعيا لال رهيجا: سنڌي ۽ مراٺيءَ ۾ لکندڙ تولارام ”لالي“ جو جنم 24 جولاءِ 1939ع تي سکر سنڌ ۾ ٿيو. ورهاڱي بعد هو پوني ڀارت لڏي ويو، جتي کيس صابڻ جو ڪارخانو هو. هن سنڌي ۽ مراٺيءَ ۾ ڪجهہ ڪتاب بہ لکيا، جن ۾ ”سنڌو درشن“ (مراٺي)، ”سنڌو پُتر“ (مراٺي)، ”پوجا“ (مراٺي)، ۽ ”ييشيل ڪڌي پرتون پاکرا“ (مراٺي) شامل آهن. کيس مهاراشتر سرڪار پاران ’اُتڪروشٽ مراٺي واگهيه‘ جو 1500 روپين جو انعام ۽ هن ڪتاب تي مهاراشٽر سرڪار طرفان 5000 روپيا انعام بہ مليو. تولارام لالي ڪيترن ئي مراٺي ۽ سنڌي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪهاڻيون ۽ مضمون پڻ لکيا. هن ”ٻوڌ راج ٻوڌ“، دادا جشن واسواڻيءَ، پوپٽي هيراننداڻيءَ ۽ ريٽا شهاڻيءَ جي سنڌي رچنائن جا مراٺيءَ ۾ ترجما ڪيا آهن. هن وقت پوني (ڀارت) ۾ رهائش پذير آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.07.24  عيسوي

تولارام ” لالي “ جو جنم 24 جولاءِ 1939ع تي سکر سنڌ ۾ ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٽوبياس مائيڪل ڪارل ايسر
امداد عباس صوفي
غلام رسول رند پهلوان
ٽوبن جيمز
ڪمال خان چانگ
ابو بن اڌم
هما مير
جهانگيرڪرامت
سيراني خواجہ محڪم الدين
آمنہ بيبي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون