تواريخ عباسيان

تواريخ عباسيان (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب 1226ھہ/ 1811ع کان اڳ جو لکيل آهي. مصنف جو نالو نامعلوم آهي. انڊيا آفيس لئبرريءَ ۾ ان جو هڪ نسخو (نمبر D.P 755) موجود آهي، جنهن جا ابتدائي ورق نہ آهن، تنهنڪري نہ ڪتاب جو نالو معلوم ٿي سگهيو آهي ۽ نہ مصنف جو! ڪتاب ۾ 1226ھہ/ 1811ع تائين جو احوال درج آهي؛ يعني ميان محمد علي خان بن ميان محمد عارف خان بن ميان عبدالنبي جي سال وفات (1226ھہ/ 1811ع) تائين منجهس حالتون بيان ڪيل آهن. ممڪن آهي تہ ميان عبدالنبيءَ جي پوٽي ميان محمد عليءَ اهو ڪتاب تصنيف ڪرايو هجي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو