
تنها اصغر
تنھا اصغر: نئين ٽهيءَ جي ليکڪ ۽ شاعر، علي اصغر ”تنھا“ ولد حاجي الھہ ورايو خاصخيليءَ 15 مارچ 1982ع تي ڳوٺ پنھل خان چانڊيي تعلقي سڪرنڊ ۾ جنم ورتو. پنھنجي ڳوٺ مان پرائمري تعليم وٺي، سڪرنڊ جي هاءِ اسڪول مان انٽر ڪيائين. بعد ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ايم.اي ڪيائين. هن 1997ع کان باقائدہ لکڻ جو آغاز ڪيو. کيس مير محمد پيرزادي ۽ عبدالحڪيم ارشد جهڙن نامور شاعرن جي رهنمائيءَ ۽ صحبت نصيب ٿي. سندس شعر ۾ رومانوي ۽ سماجي پهلو شامل آهن. هن جو ”جيءَ جهورڪا“ جي نالي سان شعري مجموعو ڇپيل آهي، جڏهن تہ ايم. آر. ڊي تحريڪ (1983ع) متعلق مضمونن جو ڪتاب ”تاريخ جي خوني ڳلين مان“ پڻ ڇپائي هيٺ آهي اصغر تنھا سنڌي ادبي سنگت، ڳوٺ سڌار سنگت، شاھہ سچل سامي ويلفيئر ايسوسيئشن، سنڌ ڪلچرل فورم، همدرد سماجي سنگت ۽ شاھہ لطيف ڊولپمنٽ آرگنائيزيشن سان سلهاڙيل آهي .
1982.03.15 عيسوي
علي اصغر ” تنها “ ولد حاجي الهه ورايو خاصخيليءَ 15 مارچ 1982ع تي ڳوٺ پنهل خان چانڊيي تعلقي سڪرنڊ ۾ جنم ورتو .