تنيو نذير احمد

تنيو نذير احمد

تنيو نذير احمد

تنيو، نذير احمد: قومپرست اڳواڻ نذير احمد ولد ميان يار محمد تنيو، 10 مارچ 1959ع تي ميرو خان، ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم قنبر مان پرائڻ بعد 1988ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بين الاقوامي تعلقات ۾ ايم. اي ڪيائين. 1970ع ڌاري ’سنڌ آزاد ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ ميرو خان جو عهديدار ٿيو، جنهن بعد جساف ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) سان وابستہ رهيو. 1984ع کان 1989ع تائين ٽوڙهي ڦاٽڪ ڪيس ۾ گل محمد جکراڻيءَ ۽ ٻين سان جيل ڀوڳيائين. سندس شمار سنڌ جي اهم شاگرد اڳواڻن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن وقت سياست کان ڪناراڪش آهي ۽ ذاتي ڪاروبار ۾ رڌل آهي. ميرو خان ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.03.10  عيسوي

قومپرست اڳواڻ نذير احمد ولد ميان يار محمد تنيو، 10 مارچ 1959ع تي ميرو خان، ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آغا حشر ڪاشميري
عبدالقادر محمد حسين
قمر النساءَ هڪڙو
روبينا قريشي
ڊبليو ايڇ مورلينڊ
فوجو فقير
حسن بخش شاھہ صوفي
جلال الدين سنڌي
بلاول فقير نائچ
استاد سينڌو خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون