
تند ڪٽارو ڪنڌ
تند ڪٽارو ڪنڌ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناليواري اديب، شاعر عنايت بلوچ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ نامور اديب ۽ اسڪالر پير حسام الدين راشديءَ جو لکيل آهي، جڏهن تہ ‘پيش لفظ’ انگريزيءَ ۾ مشھور اديب ۽ تعليمدان جِي. الانا لکيو آهي. ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي تنوير عباسي، قمر شهباز، سليم ڳاڙهوي، پروفيسر اياز قادري، تاج بلوچ، علي نواز وفائي، شيخ عبدالحليم جوش، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڪريم بخش خالد ۽ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جا رايا پڻ شامل آهن. 162 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي بزم تعمير ڪراچي سيپٽمبر 1981ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 20 روپيا آهي.