تندسر محلو: ’سَر‘ سنڌيءَ ۾ چشمي يا تلاءَ کي چوندا آهن. هن محلي ۾ بہ ڪو تلاءُ هوندو، جنهن تان مٿس اهو نالو پيو. اڳي مڪليءَ يا ٺٽي شھر جي آسپاس چشما هوندا هئا، مثلاً کيرسر، کنڊسر، نارائڻ سر، پاراسر وغيره، جيئن مير قانع ”مڪلي نامي“ ۾ ڪي نالا ڳڻايا آهن. انهيءَ چشمي جي ڪناري ڪيترا اهل ﷲ مدفون آهن .