تَنجَڻُ (Swalling Cloth ):ننڍڙي ٻار جي ڄنگهن ۽ ٻانهن کي سنئون ڪري ٻڌڻ جو ڪپڙو، جيئن ٻار جا عضوا سهڻا، سڌا ۽ سڊول ٿين. هي ڏيڍ ميٽر کن ڪپڙي جو ٽُڪر ٿيندو آهي، جنهن سان ننڍڙي ۽ نئين ڄاول ٻار کي ٻڌي سُمهاربو آهي. ان سان هڪ تہ ٻار جا عضوا سڌا ۽ سھڻا ٿيندا آهن، ٻيو جيڪڏهن ننڊ ۾ ٻار ڇرڪ ڀريو تہ سندس صحت تي ڪو اثر نہ پوندو آهي. اتر ۾ هن کي ’ٻنڌڻ‘ بہ چون، اهو نہ صرف سنڌ ۾ پر پاڪستان جي ٻين صوبن جي بہ رواج ۾ بہ آهي .