تنبڙيا: ڪي مهاڻا سنبيءَ سان تنبي تي پلا ماريندا آهن، اهي تنبا ٽامي جا، گول ڪدوءَ جي تنبي وانگر ٺهيل هوندا آهن ۽ اندران پورا هوندا آهن. جن تي سٽ جا ”اٽھہ“ مڙهيل هوندا آهن. ڪدوءَ جا تنبا هاڻي گهٽ استعمال ٿين ٿا. هاڻي گهڻو ڪري ٽامي جا ماٽيءَ نموني تنبا استعمال ٿيندا آهن .